محمد بخش مهر ۽ بنگل مهر پاران اعجاز جکراڻي سان والده جي وڇوڙي تي تعزيت

خانپورمهر (ن ع آ) پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر ۽ صوبائي صلاحڪار مير بنگل خان مهر گڏيل بيان ۾ صوبائي صلاحڪار مير اعجاز خان جکراڻي جي والده جي وڇوڙي تي ڏک جو   اظھار ڪندي چيو آھي ته اسين صوبائي صلاحڪار مير اعجاز خان جکراڻي جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون ۽ اسان جي دعا آھي ته مولا پاڪ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام ۽ سندس پونئيرن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا فرمائي.

ڀرچونڊي ۾ هندو ناري مذهب مٽائي ڇڏيو

ڀرچونڊي شريف ( ن ع آ) ڏهرڪي ڀرچونڊي شريف ۾ سيٺارجا سان تعلق رکندڙ ھندو ناري لھري ولد لڻيون جي ميگھواڙ اسلام قبول ڪري ڇڏيو  تفصيل موجب سيٺارجا سان تعلق رکندڙ 20 سالا ھندو ناري لھري ولد لوڻيون جي ميگھواڙ ڏھرڪي ۾ ميان جاويد احمد قادري جي رهائشگاھ تي  پھچي اسلام قبول ڪري ورتو آهي روزاني عوامي آواز سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي ناري جو چوڻ ھيو ته مان پنهنجي رضا خوشيءَ سان بنا ڪنهن جي زور ۽ زبردستي پنهنجي حوش حواس ۾ اسلام قبول ڪيو آھي مون تي ڪنھن ٻي قسم جو ڪو پريشر وغيره ناهي آئون اسلام کان متاثر ٿي اهڙو قدم کنيو آهي اسلام هميشه امن سيکاريو آهي هن چيو ته هاڻ منهنجو اسلامي نالو نور فاطمه رکيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ڪامياب ٿيندو:جميل سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي طرفان18 آڪٽوبر سانحه ڪارساز جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ تحت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميزبانيءَ هيٺ مزار قائد لڳ باغ جناح ڪراچي ۾ رٿيل جلسي جي حوالي سان شهر جي بيگم نصرت ڀٽو هال ۾ ضلعي صدر ۽ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.  گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پي پي پي ضلعي صدر ۽ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري اعجاز لغاري، انفارميشن سيڪريٽري عمران جتوئي، سٽي صدر خير محمد شيخ، پي پي پي اڳواڻ طارق انور سيال ۽ ٻين چيو ته پي ٽي آءِ جي سليڪٽيڊ حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جي ڪري غريب پورهيتن کان ٻن ويلن جي ماني کسي ورتي آهي جنهن ڪري اڄ غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني به کائي نه ٿو سگهي. هنن چيو ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ملڪي عوام جو تعداد اڳ 2 ڪروڙ هو نااهل حڪومت جي ڪري اهو تعداد 6 ڪروڙن تائين پهتو آهي. . هنن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ٻن سالن جي دوران عوام کي رليف نه ڏئي سگهي ويتر پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ جي لاءِ اپوزيشن اڳواڻن مٿان نيب جي ذريعي ڪوڙا ريفرنس داخل ڪري سندن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر هاڻي پي ڊي ايم عوام سان گڏجي نااهل حڪومت اعلانيل تحريڪ جي ذريعي پي ٽي آءِ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪندي. هنن چيو ته شهيد محترمه بينظير 10 سالن جي جلاوطني ختم ڪري 18 آڪٽوبر 2017ع تي ڏيهه واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت ئي کيس رستي تان هٽائڻ لاٰءِ سازشون شروع ٿيون پر شهيد محترمه کي خبر هئي ته هتي سندس جان کي خطرو آهي پر ان جي باوجود هن پنهنجي ورڪرن، جيالن ۽ ملڪ جي عوام سان ڪيل واعدي کي نڀائيندي 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ايئرپورٽ پهتي جتي لکن جي تعداد ۾ ڪارڪنن سندس شاندار نموني آجيان ڪئي.

اوٻاوڙي ۾ ايف ايف سي جي ملازمن محفل موسيقي ڪرائي، هو جمالو تي رقص

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو ايف ايف سي يوريا ڀاڻ فيڪٽري جي ملازمن پاران هڪ شاندار نائٽ ميوزيڪل رنگا رنگ پروگرام  اسٽاف ڪلب سيڪريٽري ڪاسف علي جي ڪوششن سان ڪرايو ويو، جنهن جي پاڪستان جا نالي وارن فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ان پروگرام ۾ خاص طور تي ورلڊ سنوڪر چئنمپئنز اسجد اقبال ۽ محمد سجاد شرڪت ڪئي جنهن ۾ آيل مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ آيل مهمانن کي گلن جا هار ۽ سنڌ جي سقافت اجرڪ ٽوپي جا تحفا پڻ ڏنا ويا ۽ ان پروگرام ۾ خاص طور تي اوٻاوڙو نيشنل پريس ڪلب جي صحافين کي خصوصن شرڪت جي پڻ دعوت ڏني وئي. سيڪريٽري ڪاشف علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي پروگرام اسان ماڻهن کي ڪرونا کان نجات کان پوءِ هڪ تفريح  ۽ خوش رکڻ لاء انهن جي ذهين کي فريش رکڻ لاء ڪيو آهي اسان جي ڪوششن هوندي آهي ته اسان جي ضلعي  ۾ اهڙا پروگرام ٿيڻ کپن ته ماڻهن کي خوشي ملي ان موقعي تي پاڪستان جي مشهور فنڪاره صوفيه ڪيف. رافيه رضوي. احتشام حيدر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جتي  سنڌي گيت هو جمالو توڙي جئي سنڌ جئين سنڌ وارا جهڙاگيت ڳائي ماڻهن کي جهمائي ڇڏيو.

ڀريا روڊ ۾ سماجي اڳواڻ جي گهر واري بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي

ڀرياروڊ (ن ع آ) سماجي اڳواڻ رئيس اظهار علي ڪيريو جي گهر واري ۽ مشهور قانون دان محمد ايوب ڪيريو جي  ڀاڄائي گهڻو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ وفات ڪري وئي جنهن جنازي نماز  ۾ سياسي سماجي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ بعد ۾ جنهن کي جنازي نماز کان پوءِ مٽي ماءَ حوالي ڪيو.

نواب شاهه ايس ٽي پي جو اجلاس، 14 آڪٽوبر تي هڙتال ڪاروبار بند رکڻ جي اپيل

نوابشاهه (ڊر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ايس ٽي پي ھائوس تي ضلعي صدر نثار ڪيريو جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سبحان علي مگسي، رفيق ملاح، عبدالغفار ڏھراج، عطا محمد لاشاري، شاھنواز ڪيريو، ٻڍل مگسي، سيد رستم شاھه سميت ضلعي ۽ تعلقي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس جي خطاب ڪندي ضلعي صدر نثار ڪيريو چيو ته وفاق پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ خلاف مرڪزي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ 14 آڪٽوبر تي ھڙتال ڪئي ويندي، جڏھن ته ھڙتال کي پوري ضلعي ۾ ڪامياب ڪيو ويندو،

ھن چيو ته اسين شھر جي ھر يونين اڳواڻن کي چئون ٿا ته 14 آڪٽوبر تي پنھنجو ڪاروبار بند رکن ۽ ايس ٽي پي سان گڏ پنھنجي ڌرتي ماءُ سان گڏ بيھي پنھنجو ڪردار ادا ڪن.

يونيورسٽي ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻي آهي: ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو

خيرپور ( ڊ ر ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس، ڪنٽرولر امتحانات (اينيول ۽ سيميسٽر)، انسپڪٽر آف ڪاليجز، انچارج آن لائن سسٽم، انتظامي آفيسرن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ورڪس، ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊيولپمنٽ، ايگزيڪيوٽو انجينئر ورڪس ۽ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ۽ آئي ٽي مينيجر سان الڳ الڳ اجلاسن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته يونيورسٽي اندر مختلف سيڪشنز جي ڪمن ۾ بهتري ۽ شفافيٽ آڻن آهي ته جيئن استادن، شاگردن سان گڏ معاشري جي مختلف حصن جا وقت سر مسئلا حل ڪجن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر فنانس نثار احمد نوناري ڄاڻ ڏني ته يونيورسٽي سان لاڳاپيل چند لا ڪالجين جي شاگردن جي ايليجيبليٽي فيس رهيل آهي. ڪنٽرولر امتحانات غلام شبير ڦلپوٽو وائيس چانسلر کي آگاهي ڏني ته سندس آئي ٽي مينيجر، ڊائريڪٽر فنانس، انسپيڪٽر آف ڪاليجز سان قريبي رابطو آهي ته جيئن امتحاني شرستي کي پر اثر بڻائيجي.اجلاسن م پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊائريڪٽر ميڊيا ۽ پبلڪ ريليشنز ۽ مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار شرڪت ڪئي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.