موچڪو ۾ ڪروڙين رپين جي هيروئن هٿ

حب(ن ع آ) ايس ايس پي لسٻيله پرويز خان عمراڻي جي هدايت تي ڊي ايس پي حب سرڪل يونس رضا جي نگراني ۾ ايس ايڇ او حب سٽي عطاءُ الله نماني پوليس ٽيم سان گڏ ڄام ڪالوني حب ۾ گهر تي ڇاپو هڻي بدنام منشيات فروش حنيفه کي گرفتار ڪري 7 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو، جوابدار عورت خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي، هوڏانهن موچڪو پوليس بين الصوبائي منشيات سپلائر گروپ خلاف ڪارراوئي ڪري 4 ڪلو اعليٰ ڪوالٽي جي هيروئن هٿ ڪري ورتي، هيڊڪانسٽيبل محمد جاويد اسٽاف سان گڏ چيڪنگ دوران ٽيڪسي روڪي تلاشي ورتي، جوابدارن مختيار ولد عبدالصمد ۽ ارشاد ولد ڪالون خان جي قبضي مان هيروئن ملي، هٿ ڪيل هيروئن جي قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ ڪروڙين رپيا آهي،  جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.