ڏاجهيرو موري ۾ چور سرگرم ٿي ويا، ماڻهو راتيون جاڳڻ لڳا

ڏاجھيرو موري( ن ع آ ) ڀرپاسي واري ڳوٺ شاھ محمد کوسو مان ھڪ ھفتو اڳ ۾ بصر جو ٻج جنھن جي ماليت ھڪ لک ويھ ھزار آھي چوري ٿي ويو ھو ڳوٺاڻن پاران جھڏو ٿاڻو تي پڻ اطلاع ڏنو  ويو پر پوليس پاران ڪابه ڪاروائي نه ڪئي متاثر ڌر  جنھن بعد  ڳوٺاڻن چورن جي نشاندي ڪئي ۽ جھڏو ٿاڻي تي چورن جا نالا ڏنا  ان جي باوجود پوليس ڪابه ڪاروائي ناھي ڪئي ڳوٺاڻا  ڳوٺاڻن پوليس مٿي الزام ھڻيندي چيو ته جھڏو پوليس چورن جي سپورٽ پئي ڪري  ڪجھ سياسي بااثرن جي ونگار  وھيندي  سنڌن  چوري  ٻوڙڻ چاھي ٿي شاھ محمد کوسو   جڏھين ته خميسو کوسو چيو ته علائقي ۾ چورن سرگرم ٽولو ھلي پيو سنڌن خلاف ڪو ڳالھائي ٿو ان جا جاني دشمن ٿيو پون ٿا  غريبن جي گھرن مٿان ھٿيارن سان حملا ڪرائيندا رھن ٿا ھن کي سياسي ماڻھن حمايت حاصل آھي.

جهمپير جي معزز شخصيت حاجي رضا محمد پالاري لاڏاڻو ڪري ويو

ٺٽو /جهمپير (نمائندن وٽان) جهمپير جو معزز شخصيت هاء اسڪول جهمپير جو رٽائيرڊ ھيڊ ماستر حاجي رضامحمد پالاري 60 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو سوڳوارن ۾ سندس 6 پٽ 6 نياڻيون 2 گهرواريون ڇڏي ويو ،سندس مڙھ ڳوٺ نبي بخش پالاري مان کنيو ويو ت سوڳ ڇانئجي ويو ،جنازي نماز ۾ اديب ليکڪ درمحمد پالاري ،لقمان خان پالاري ،سابق ايم اين اي ڊاڪٽر واحد سومرو ايم ايس ڊاڪٽر انور پالاري ،عوامي تحريڪ مٺا خان لاشاري گسٽا ضلعي صدر علاودين بروهي ،پ ٽ الف تعلقي صدر محمد علي ٻٻر سميت وڏي تعداد ۾ علمي ادبي سياسي سماجي توڙي شاگردن شرڪت ڪئي ،مرحوم کي اباڻي قبرستان  ڪينجهر ڪنڌي درگاه حسين شاه جي مقام ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ،

پي ٽي آءِ سکر جي اڳواڻ پپو خان چاچڙ پاران گهوٽڪي جو دورو، ماڻهن سان ملاقاتون

گهوٽڪي(ڊ ر)گهوٽڪي پاڪستان تحريڪ انصاف سکر ڊويزن جي سينئر نائب صدر ۽ چاچڙ برادري جي معزز شخصيت سردار ڊاڪٽر غلام علي عباس عرف پپو خان ​​چاچڙ گهوٽڪي ضلعي جو دورو ڪيو گهوٽڪي جي مختلف ڳوٺن ۾ پهچڻ ته چاچڙ برادري پاران شاندار استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي حاجي تاج محمد چاچڙ ، مير لال خان چاچڙ ، ايڊووڪيٽ عبدالشکور چاچڙ ، مور خان چاچڙ ، حافظ عبدالرحمان چاچڙ ، عبدالستار چاچڙ ، نواب چاچڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. گهوٽڪي جي مختلف ڳوٺن ۾ چاچڙ برادري جي ترتيب ڏنل پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سکر ڊويزن جي سينئر نائب صدر سردار ڊاڪٽر غلام علي عباس عرف پپو خان ​​چاچڙ چيو ته اج چاچڙ برڊي پاران چاچڙ ويلفيئر ٽرسٽ قائم ڪيو آهي جيڪو هڪ سٺو اقدام آهي. چاچڙ برادري جي ماڻهن کي انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ، هن چيو ته اسان هميشه چاچڙ برادري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين.

ميرپور ماٿيلي لڳ محمد بخش مهر جي جي يو آءِ اڳواڻ سان تعزيت

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر گذريل ڏينهن مدرسه انوار العلوم قاسميه ميرپورماٿيلو پهچي جي يو آء گھوٽڪي ضلعي جي سرپرست اعلي مولانا سلطان احمد لغاري جي لاڏاڻي تي جي يو آءِ ضلعي گهوٽڪي جي امير مولانا محمد اسحاق لغاري سان تعزيت ڪئي.

پوليو مهم کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي: ڊي سي مٽياري

مٽياري (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو چيو آهي ته ٻارن ۾ پوليو کا بچاءُ جا  ڦرا پيارڻ جي عمل کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، ان عمل ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملي کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو،  اهڙن خيالن جو اظهار  ھن 26 کان 30 آڪٽوبر 2020 تائين جاري رھندڙ  پوليومهم جي حوالي سان سندس آفيس ۾ واسطيدار عملدارن سان گڏجاڻي جي صدارت دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيوته  ڪورونا وبا دوران لاڪ ڊائون سبب اسڪول بند هئڻ ڪري ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارجي نه سگهيا آهن ۽ هاڻ  اسڪولي ٻارن کي پابندي سان پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته برساتن سبب ڪجهه برسات متاثر علائقن ۾ به صحيع نموني سان پيدائش کان وٺي پنجن سالن تائين جا ٻارڙن به پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا آهن. ، هلندڙ مهم دوران انهن کي به ذميداري سان ڦڙا  پياريا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري وڌيڪ چيو ته صحت کاتي جي عملدارن کي  گهرجي ته هو پنهنجي حڪمت عملي کي  وڌيڪ بهتر بڻائين ته جيئن ڪوبه ٻار پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه وڃي.

باهو کوسي ۾ خليفي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ کي پڳ ٻڌرائي وئي

باهو کوسو (ن ع آ) باهو کوسو ۾ غوث بهاول الدين زڪريا جي خليفي جي لاڏاڻي بعد سندس پٽ کي خليفي جي پڳ پڌرائي وئي, پڳ وفاقي وزير خارجه شاه محمود قريشي ٻڌرائي, خبر موجب  غوث بهاوالدين زڪريا جي جيڪب آباد لاء فوت ٿي ويل خليفي بشير احمد گهنڃو جي پٽ سعيد احمد گهنڃو کي خليفي جي  پڳ پڌرائي وئي آهي, پڳ وفاقي خارجه شاه محمود قريشي پڌرائي پڌرائڻ واري رسم ۾ علائقي جي معزيزن ۽ خليفن شرڪت ڪئي.

دائو جهانپور جو سياسي سماجي اڳوان رزاق شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

دائو جھانپور (ن ع آ) دائوجهانپور جي معزز شخصيت سماجي ۽ سياسي اڳواڻ سيد عبدالرزاق شاه جي نماز جنازه نماز اباڻي ڳوٺ دائوجهانپور ۾ مولوي عبدالوحيد  قاصمي جي اڳواڻي ۾ پڙھائي  وئي جنازه نماز ۾ مير گل حسن خان جمالي سردار محمد پناه خان اوڍو سردار عامر خان اوڍو, ميرباز خان بروهي, ڊي ايس پي غلام ياسين ٽڳڙ ,سيد اخترعلي شاه , ذوالفقارعلي خاصخيلي ۽ حاجي عاشق علي خاصخيلي, ميردريا خان بروهي سميت شھر,۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .مرحوم کي  سوين آلين اکين سان پنهنجي اباڻي ڳوٺ دائوجهانپور واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ فوتي ٻارڙي جي وارثن سان پ پ اڳواڻ شاهه رخ سيال جي تعزيت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ آبپاسي کاتي جي صوبائي وزير جي ڀاءُ ۽ پي پي پي اڳواڻ شاهه رخ سيال ڪالهه شهر جي الهه آباد مدينه ڪالوني پهچي پنج ڏينهن اڳ بجلي جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل چئن ورهين جي نينگري ثنا ڌيءُ فياض علي تونيو جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي شاهه رخ سيال چيو ته لاڙڪاڻي واسي پنهنجي ٻارڙن کي بجلي جي لڳل کان پري رکي احتياط ڪن جيئن مستقبل ۾ قيمتيون جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.