ڏوڪري ۾ شيعا اڳواڻن تي ڪيس خلاف احتجاج

ڏوڪري )ت ر) ڏوڪري ۾ شيعا اڳواڻن سميت 800 ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيڻ  خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج، ٿاڻي جي گيٽ اڳيان ڌرڻو، 3 ڄڻا ضمانت تي آزاد ٿي ويا تفصيل موجب ڏوڪري ۾ شيعا اڳواڻن سميت 800 ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيڻ  خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو  عزادارن ٿاڻي جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ، جڏهن ته 3 ڄڻا ضمانت تي آزاد ٿي ويا ان ڏس ۾ شيعا اڳواڻن سميت 800 ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف شيعا اڳواڻن مولانا رياض الحسيني، مولانا محسن علي مفڪري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڪالهه ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو ٿاڻي جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو.  هوڏانهن جي ڊي اڳواڻ  عدنان الطاف حسين انڙ احتجاجي ڪئمپ تي پهچي احتجاج ڪندڙن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هوڏانهن ڏوڪري جي عدالت تي ٽن ڄڻن منظور احمد جلباڻي، امام علي جلباڻي ۽ پپن ڪنڀر جي 60 /60 هزار جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  عزادارن تي بي گناهه ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي سمورن عزادارن تان ڪيس ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.