ڳاڙهي ۾ جانورن جي اسپتال بند، عملو غائب

ڳاڙهو (ن ع آ ) صوبائي تڪ پي ايس 78 تعلقي گهوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي اٽڪل 3 جانورن جي علاج لاء ڳاڙهي شهر ۾ شاندار وٽنري اسپتال قائم ٿيل آھي. جنهن تي مقرر ٿيل عملو هن شاندار عمارت ۾ رهائش اختيار ڪري ورتي آھي ۽ علائقي جي لکين جانورن جو علاج هن اسپتال ۾ مفت ڪرڻ بجاء خانگي طور تي ڀاڳين جي ڳوٺ وڃي ٻيڻي رقم عيوض سرڪاري دوائون استعمال ڪري رهيو آھي، گذريل ڏينهن اسلم خاصخيلي پنهنجي ٻڪري جي علاج واسطي اسپتال پهتو ته ڊاڪٽر هن جي ٻڪري ڏسڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو . ۽ ٻه دوائون اسٽور جون لکي ڏئي ڇڏيون. غريب پورهيت جي ٻڪري تڙپي تڙپي مري وئي. اهڙي دانهن کڻي پورهيت اسلم پريس ڪلب پهتو ته صحافين ڊاڪٽر سان رابطو ڪري سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ڪو به جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ورٽنري اسپتال ڳاڙهو بابت اهڙي قسم جون شڪايتون هن کان پهرين به ڪافي اچي چڪيون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.