گپچاڻي ۾سماجي تنظيم طرفان شاگردن ۾ماسڪ ورهايا ويا

گپچاڻي (رپورٽ : عنايت بروهي) فلاحي تنظيم جي سماجي ورڪر ڊاڪٽر ھمير ڪمار سترام ڪمار احسان علي رند استاد پرڀومل ۽ جمع خان بروهي گپچاڻي ڀرسان بوائز پرائمري اسڪول حاجي خدابخش بروهي ۾ 150 کان وڌيڪ اسڪول۾ پڙھندڙ  شاگردن۾ خطرناڪ وبائي مرض ڪرونا کان بچاء۽ تحفظ خاطر ماسڪ ورھايا انھي موقعي تي اسڪول جي استادن مهرالله بروهي محمد نواز بروهي صادق بروهي ۽ ڳوٺاڻن عنايت بروهي امداد علي بروهي اميرگپچاڻي ۽ ٻين فلاحي تنظيم جي ورڪرن جي ڪم کي ساراهيو جڏهن تہ سماجي ورڪرن ڊاڪٽر ھمير ڪمار چيو ته ڪووڊ 19 خطرناڪ مرض جان ليوا مرض آھي ڳوٺاڻا ۽ شاگرد توڙي استاد وڌ کان وڌ احتياطي اپاء وٺن والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ وقت ماسڪ لازمي پهرائن احتياط سان ئي  ڪورونا جهڙي موذي مرض کي شڪست ڏيئي سگهجي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.