ٽنڊي محمد خان ۾اسڪول اڳيان قبضو ڪندڙ بااثر خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ : حيدر شورو ) ٽنڊو غلام حيدر جي واحد ڏنو ميموريل پبلڪ هاءِ اسڪول جي مين گيٽ آڏو زرداري پڪي روڊ تي بااثر شخصيت جي قائم ڪيل دوڪانن ، هوٽل ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي جلوس ڪڍي مظاهرو ڪيو ، مظاهري جي دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين قبضا هٽائڻ لاءِ نعريبازي ڪندي ڄاڻايو ته علائقي جي بااثر ۽ سندس ساٿين واحد ڏنو ميموريل پبلڪ هاءِ اسڪول جي مين گيٽ ۽ ڀرپاسي کان پنهنجا قبضا قائم ڪري هوٽل دوڪان قائم ڪرڻ سان گڏ وڌيڪ اڏاوتون قائم ڪرڻ لاءِ قبضا شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ روڊ جي ٻنهي طرفن کان قبضا مافيا پنهنجا آستان قائم ڪيا آهن ، هوٽل تي اوباش نوجوانن جي ويهڻ سان اسڪول جي شاگردياڻين جي تعليم کي نقصان ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پنهنجين نياڻين کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.   ، جنهن سان شاگردياڻين ۾ حراس پڻ ڦهليل آهي ، قبضا مافيا گروپ کي قبضا هٽائڻ لاءِ بار بار چوڻ کان پوءِ هنن اسڪول کي بند ڪرائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي جنهن جي ڪري اسڪول جي ٻنهي طرفن کان وڌيڪ قبضا ڪيا وڃن پيا ، قبضن جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ قائم ڪيل غيرقانوني اڏاوتن هوٽلن ۽ دوڪانن کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ اسڪول جا شاگرد شاگردياڻيون ۽ عملو مجبور ٿي روڊن رستن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا لڳائي ٽرئفڪ کي جام ڪيو ويندو ، سرڪاري روينيو عملدارن جي آفيسن آڏو احتجاج ڪيا ويندا ، احتجاج ۾ شامل شاگردن ۽ شاگردياڻين اعلى اختيارين واسطيدار ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽنڊو غلام حيدر جي زرداري پڪي روڊ تي غيرقانوني قبضن کي فوري طور پبلڪ اسڪول جي عمارت کان هٽايو وڃي ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.