ڀريا روڊ ۾ گندگي، شهري پريشان، احتجاج

ڀرياروڊ (ن ع آ)  ٽائون ڪميٽي ڀرياروڊ جي وارڊفتع پور ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو هر طرف گندگي هجڻ ڪري  رهواسي سخت پريشان  ۽ رهواسين احتجاج ڪندي مير محمد راڄپوت ،مظهر مري   نثار ڪيريو جن چيو ته اسان جي وارڊ ۾ گندگي جو وڏو آزار آهي ۽ گندهي هجڻ ڪري موسمي جيتن ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي بيمارين منهن ڪڍيو آهي  ۽ وري مين لنڪ روڊ تي گندگي جا ڌهير پيا آهن  ۽ اهو ڪچرو ٽائون ڪميٽي سميت ڪا به انتظاميا نٿي کنائي ۽ روڊ تي موجود دڪاندارن سميت شهري سخت عذاب هيٺ آهن ۽ بدبوه ڦهلجڻ ڪري ساه منجهي ٿو پر انتظاميا جي ڪن تي جوءِ نٿي چري ان ڪري اسان ڊي سي نوشهرو فيروز کان مطالبو ڪيون ٿا ته هي ڪچرو مين روڊ تان فورن کڻائي ڏنو وڃي.   ۽ ٻئي پاسي جڏهن ٽائون ڪميٽي انتظاميا سان رابطو ڪيو ويو ته سينيتيشن انچارج سليمان چوهاڻ چيو ته هي ڪچرو هڪ دڪاندار نثار ملڪ پنهجي دڪان مان ڪڍي روڊ تي اڇليو آهي جيڪو اسان ن کڻنداسين  ٻئي پاسي ٽائون ڪميٽي جي انچارج جاويد آرائين  سان رابطو ٿيو ته ان چيو ته اسان ان دڪاندار پااران اڇلائيل روڊ تي چار پنج ٽرائيلن کان مٿي جي ڪچري بابت اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا سٽي کي اطلاع ڪيو آ  ۽ اسان وٽ صفائي عملو گهٽ آهي ان ڪري اهو ڪچرو نٿا کڻائي سگهون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.