ڪلوئي ۾مڊ وائيف جو انٽرويو پاس ڪندڙ ناري جو احتجاج

ڪلوئي ( رپورٽ : نواز لنڊ) ڪلوئي واسڻ  مڊ وائيف لاءِ انٽرويو ۾ پاس ٿيندڙ مرڪ لنڊ  احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ست مهينا اڳ سندس ڊي ايڇ او آفيس ۾ انٽرويو ٿيو هو جنهن ۾ هوءَ پاس ٿي ۽ کيس ٻڌايو ويو ته آفر آرڊر هڪ مهيني اندر ڏنو ويندو سياسي بنيادن تي ميرٽ جي لتاڙ ڪندي سندس جاءِ تي تعلقي ڇاڇري جي هڪ ورڪر کي ڪلوئي ۾ سندس جوائننگ آرڊر ڊي ايڇ او پاران کيس ڏنو ويو آهي.  هن چيو ته وٽس سي ايم ڊبليو جي ڊگري پڻ موجود آهي ۽ 3 سال جو تجربو پڻ رکي ٿي سندس آرڊر مبينا طور سياسي ماڻهن پنهنجا نوازي تحت ٻئي عورت کي ڏيئي ڇڏيو آهي هن اعلي اختيارين کان انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.