سجاول ۾پڙهيل نوجوان نوڪرين ۾ نظر انداز، احتجاج

سجاول ( ڊ ر )  سجاول ضلعي جي اڪثر کاتن ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي نظرانداز ڪري ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ خلاف سجاول جي جاگرتا سوشل نيٽ ورڪ پاران شهر جي مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ نعريبازي ڪئي وئي، انهي موقعي تي  اعجاز عمراڻي، رفيق شاھ، الطاف پٺاڻ مولوي اشرف ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سجاول ضلعي جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب ضلعي جي سمورن سرڪاري کاتن ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ سجاول جي پڙھيل لکيل نوجوانن کي نظرانداز ڪري ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آھي . جيڪا هتان جي پڙهيل لکيل نوجوانن  سان سراسر زيادتي ۽ ناانصافي ڪئي پئي وڃي ھنن چيو ته سجاول ضلعي ۾ وڌيڪ بک بيروزگاري ۽ بدحالي ھجڻ سبب پڙھيل لکيل بيروزگار نوجوان منشيات واپرائڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جا عادي بنجي رھيا آھن ھنن مطالبو ڪيو ته مقامي نوجوانن کي نوڪريون ڏئي علائقي مان بک ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.