تبديلي سرڪار ملڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي: علي احمد جوکيو

گڏاپ (رپورٽ : ممتازشيخ ) پيپلز پارٽي اڳواڻ چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي علي احمد جوکيو چيو آهي ته پيپلزپارٽي  ملڪ ۾ قربانيون ڏئي جمهوريت جو سج اڀاريو آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ لاءِ جان قربان ڪري ڇڏي آهي اسان پنهنجي شهيدن جي قرباني جو قدر ڪيون ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽي پاران 18 آڪٽوبر ڪراچي ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ تاريخي جلسو ڪري رهي آهي ان ڪري اسان پنهنجي شهيدن جي شهادت جي ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي شهيدن جو مشن پورو ڪرڻ جو وچن ڪنداسين هن چيو ته دهشت گردن ڪارساز وٽ ڌماڪو ڪري انساني رت وهايو اسان 18 آڪٽوبر جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ پ پ جون قربانيون آهن .  تبديلي جو نعرو هڻي ووٽ وٺندڙ تحريڪ انصاف ملڪ جي معيشت  تباهه ڪري ڇڏي، علي احمد جوکيو وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ۾ ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، پيپلز پارٽي جي قائدين ملڪ ۽ قوم خاطر پنهنجيون جانيون قربان ڪري ڇڏيون آهن هن چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ ٿيندڙ جلسي جون تياريون تيز آهن ته هن وقت نيازي سرڪار جي حڪومت ۾ ادارا تباھه آهن. معيشيت تباھه آهي پر هي تبديلي پسند صرف سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪارواين ۾ مصروف آهي، هن چيو ته اسان کي ملڪ جي ترقي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر پيپلز پارٽي کي وفاق ۾ آڻڻو پوندو تڏهن ملڪ ترقي ڪندو ۽ بيروزگار جو خاطمو ٿيندو  ملڪ نيازي سرڪار تباهه ڪري ڇڏيو آهي ملڪ جو عوام بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي 18 آڪٽوبر ڪراچي ۾ عوامي سمنڊ هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.