شهدادڪوٽ ڀرسان وحشي جوابدار گهٽا ڏئي زال ماري وڌي

شھدادڪوٽ ( ڊر ) شھدادڪوٽ ۾ مڙس پنهنجي نوجوان زال کي گھٽا ڏيئي ماري ڇڏيو,۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو, شھدادڪوٽ کان  چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع ڳوٺ ڀانڍڙي جي وانڍ ۾ گلشير مگسي نالي ھمراھ  پنهنجي 28 ورھين جي نوجوان زال روبينا مگسي کي گھٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو,جڏهن ته اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري ڳوٺ پھچي مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال کڻائي آندو,جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو,ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود مقتول عورت جي پيرسن امڙ ڌي جي لاش مٿان اڀ ڏار رڙيون ڪندي دانھيو ته  سندس ڌيء روبينا کي مڙس گلشير مگسي ناحق گھٽا ڏيئي قتل ڪيو آهي جنهن کي گرفتار ڪري سزا ڏيئي انصاف ڪيو وڃي. , ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين عورت جي قتل جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگھيو ھو ۽ نه وري پوليس جوابدار مڙس کي گرفتار ڪري سگهي ھئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.