قاضي احمد ۾ سرڪاري مڇي تلاءَ تي جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد ٿاڻي جي حد کٻڙ اسٽاپ ڀرسان سرڪاري مڇي جي تلاءَ   تي خانزادا ۽ ملاح برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن  ۾ ڪھاڙين ۽ سرين جو آزادانا استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ملاح برادري جي نادر ملاح، سڌير ملاح، محمد علي اوڳاھي سميت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي قاضي احمد اسپتال کڻائي پھچايو ويو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کان سخت زخمين نادر ملاح سڌير ملاح محمد علي اوڳاھي کي وڌيڪ علاج لاءِ نواب شاهه ريفر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مڇي جو سرڪاري تلاءُ آهي جنهن تي مختلف وقتن تي جھيڙا  ٿيندا رھيا آھن، اڄ به مڇي مارڻ تان جھيڙو  ٿيو آهي. ، جڏهن ته قاضي احمد پوليس جھيڙي  واري مڇي جي تلاءَ تي ويل آھي آخري اطلاعن تان ڪا به گرفتاري عمل ناهي آئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.