گهوٽڪي ۾ جهيڙيندڙ ڀٽا-پٺاڻ ٺاهه لاءِ راضي

گهوٽڪي( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ جاري ڀٽا _ پٺاڻ تڪرار جي خاتمي لاءِ سماجي اڳواڻ شائسته بلوچ جي اڳواڻي ۾ ميڙمنٿ قافلو ڌرين  وٽ پهتو، جهيڙيندڙ ڌريون نبيري لاءِ راضي، شائسته بلوچ جو چوڻ آهي ته قبائلي جهيڙن ۾ معصوم انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون، اسان امن لاءِ هر پاسي منٿ ميڙ ٿي وڃڻ لاءِ تيار آهيون، خبرن موجب گهوٽڪي جي باگو ڊهو واري علائقي ۾ جاري ڀٽا_ پٺاڻ تڪرار جي خاتمي لاءِ سماجي تنظيم اسٽيپ فائونڊيشن جي سربراهه شائسته بلوچ، عبدالحنان ڪلوڙ، عثمان سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علائقي جي معزز ارشاد شاهه قريشي کي ساڻ ڪري منٿ ميڙ قافلو ڌار ڌار ڌرين وٽ پهتو، جنهن دوران ڌرين جي ماڻهن کين ڀرپور موٽ ڏيندي نبيري تي راضپو ظاهر ڪيو، هوڏانهن گهوٽڪي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سماجي اڳواڻ شائسته بلوچ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته قبائلي جهيڙا ختم ٿين، ڇاڪاڻ ته ان ۾ معصوم انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون، علائقي جي معيشيت متاثر ٿئي ٿي، هنن چيو ته جهيڙن جي خاتمي لاءِ اسان کي جتي به منٿ ميڙ ٿي وڃڻو پيو، اتي وينداسين ۽ علائقي ۾ امن ڪرايو ويندو، سماجي اڳواڻ چيو ته ڀٽا ۽ پٺاڻ ڌرين اسان جي منٿ ميڙ قافلي کي سٺي موٽ ڏني، ڌرين پاران چيو ويو ته برادري سان صلاح مشوري بعد ڪجهه ڏينهن ۾ فيصلي جي تاريخ طئه ڪري چڱي مڙس ارشاد شاهه قريشي کي آگاهه ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.