مانجهند ۾ پل نه ٺهڻ خلاف شٽربند هڙتال، ڌرڻو

مانجهند ( ن ع آ ) مانجهند ڀرسان لاکا شھر ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي يوسي لاکا جي سڏ تي  لنڪ روڊ تي آر بي او ڊي سم نالي جي ناقص  مٽيريل سبب ٽٽل  پل جي نئين سر تعمير نه ڪرائڻ خلاف  رهواسين ڪاروبار بند ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي ڪارڪنن سيد اعظم شاهه،  محمد امين کوسو، خان محمد سومرو، بابل لطيف کوسو ،شھباز ميمڻ،  سماجي شخصيت علي نواز ڪنڀر، فتح محمد سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آر بي او ڊي سم نالي جي لنڪ روڊ تي ٺاهيل پل ناقص مٽيريل سبب ٽن مهينن کان ٽٽل آھي، جنهن سبب لاکا شھر سان ٻھراڙي جي 50 ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي، شھر ۾ داخل ٿيڻ توڙي ٻاهر نڪرڻ ۾ 10 ڪلوميٽر وڌيڪ ڪچي رستي جو مفاصلو طئي ڪرڻو پوي ٿو. ، جنهن سبب کين سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون جڏهن ته ڪاروبار کي پڻ نقصان ٿي رهيو آھي، پر احتجاج باوجود ڪوبه تحرڪ نٿو ورتو وڃي هنن چتاءُ ڏنو ته فوري طور پل تعمير ڪرائي وڃي، ٻئي صورت ۾ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.