”صفائي ڪرايو“ راڳي اسلام فقير جي بک هڙتال

مٺي(بيورو ) اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان راڳي اسلم فقير پاران پاڙي ۾ ترقياتي ڪم نہ ٿيڻ ۽ گهر اڳيان گٽرن جو گندو پاڻي بيهڻ توڙي  گٽر نالو ٺاهي نہ ڏيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي،جتي ڪئمپ تي مختلف نوجوانن توڙي سماجي اڳواڻن پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو،اُنهي موقعي تي نوجوان شاعر ديال سحرائي،سليم بجير،نڌير سرور پاڙهو،ممتاز راهمون،استاد ڀڳڙومل ناچيز ۽ ٻين پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سنڌ جي صوفي راڳي استاد مانجهي فقير بہ ڪئمپ تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ،اُنهي موقعي تي فنڪار اسلم فقير چيو تہ منهنجي گهر جي اڳيان گٽرن جو پاڻي روز بيٺل هجي ٿو،جتان نيڪالي جو ڪوبہ بندوبست ناهي،مون ڪيترائي ڀيرا ٽائون انتظاميا،چونڊيل نمائيندن سميت وس وارن کي درخواستون ڪيون تہ مونکي نالي ٺهرائي ڏني وڃي تہ جئين مسئلو مستقبل بنيادن تي حل ٿئي،پر انتظاميا مسلسل ٽن سالن کان رڳو آسرن تي هلائي رهي آهي،نالي نہ ٿي ٺهرائي ڏني وڃي،نيٺ تنگ ٿي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي آهي،آئون هڪ راڳي آهيان،پنهنجي راڳ ذريعي سنڌ واسين جي چهرن تي مرڪون وکيريندو آهيان،هتي راڳي هجن چاهي ٻيو ڪير پر سڀني سان ناانصافي ٿي رهيون آهن ٻُڌڻ وارو ڪير ناهي،آئون سنڌ حڪومت سميت ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪيان ٿو تہ منهنجو جائز مسئلو حل ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.