ٺٽي ڀرسان شاخ کي گهارو، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ، احتجاج

ٺٽو(ڊ ر) مڪلي ويجھو يوسي گلمنڊا ڪلري، ديھ ناريجا جي ڳوٺ صاحبڏنو عمراڻي ڀرسان گذرندڙ سمڪي شاخ جي سالن کان وٺي  کانٽي ۽ صفائي نہ ٿيڻ ڪري ڪنارا ڪمزور ھجڻ سبب رات دير سان سمڪي شاخ کي اوچتو پيل گھارن ڳوٺ صاحبڏنو عمراڻي ۽ ڳوٺ يار محمد شاھ کي گھيري ۾ آڻي پاڻي ڳوٺ جي مسجد سميت ڪيترن ئي ايڪڙن تي ڪٽائي ٿيل سارين جي فصل کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، جنھن ڪري آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن کي وڏو نقصان پھتو آھي، پر اڃان تائين ايريگيشن کاتي جي عملدارن ڪوبہ نوٽيس ناھي ورتو، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت شاخ کي پيل گھارا بند ڪري ورتا آھن.  ان موقعي تي مقامي ڳوٺاڻن سيد جمال شاھ، رمضان عمراڻي، غلام نبي عمراڻي، جمن شاھ، علي محمد عمراڻي، منور شاھ، الھڏنو، احمد عمراڻي، حاجي شاھ، گلاب شاھ احتجاج ڪندي چيو تہ سمڪي شاخ جي کانٽي ۽ صفائي نہ ٿيڻ ڪري شاخ جا ڪنارا ڪمزور ٿيڻ ڪري پاڻي جو دٻاء برداشت نہ ڪندي شاخ جا بند ٻن ھنڌن تان ٽٽي وڃڻ ڪري کين وڏو نقصان پھتو آھي، ھنن چيو تہ ھڪ ھفتو اڳ پڻ ساڳئي شاخ کي گھارا پيا ھئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.