”قاتل پڪڙيو“ ٺل ۾ 3 مقتولن جا وارث سراپا احتجاج

ٺل (ن ع آ)ٺل ۾ مقتولن جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارث سراپا احتجاج بڻيل،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ الڳ الڳ  احتجاجي مظاهرا،ڌرڻا،خبر موجب ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ ست سال اڳ وياج جي مامري تان قتل ٿي ويل پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس ٻڍڙي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا سراپا احتجاج بڻيل آهي،ڪالهه پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا پنهنجي پٽ جي تصوير کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ،ان موقعي تي پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا چيو ته رب پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي،ڪورٽن مان مون کي انصاف نه مليو پر الله پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي،منهنجي پٽ جي خون ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي به پنهنجي سزا ملندي. ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي ٻرڙو ۽ طالب حسين ٻرڙو ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال الدين جوش ٻرڙو جي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج هلندڙ آهي،ڪالهه 460هين ڏينهن به جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي محمد يوسف کوسو ۾ 55 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي محمد ابراهيم ٽالپر کي مبينا قتل ڪرڻ لاش اڇلائڻ جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽالپر برادري پاران 12هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهرين پاران جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن نذير احمد، شبير احمد،حافظ بشير احمد،رفيق احمد،عبدالرئوف ٽالپر ۽ ٻين چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ محمد ابراهيم ٽالپر جو ڳوٺ حاجي محمد يوسف کوسو مان لاش برآمد ٿيو،هن وقت تائين پوليس پاران ڪابه قانوني ڪاروائي ناهي ڪئي وئي، جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو جوابدار قانون جي گرفت کان آجا بڻيل آهن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي،هنن چيو ته پوليس ڳوٺ جي بااثر جي چوڻ تي جوابدارن کي لڪائي رهي آهي انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي ڪيس کي لوڙهڻ چاهي ٿي،هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺاڻي محمد ابراهيم ٽالپر جي ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.