ڀان ۾ لوڊشيڊنگ خلاف ڳوٺاڻن جو ايس ڊي او آفيس آڏو مظاهرو

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل  ) ڀان سيدآباد گرڊ اسٽيشن مان نڪرندڙ ٻهراڙي فيڊر ٽو تي هترادو لوڊشيڊنگ  خلاف فيڊر ٽو  جي رهواسي روڊن تي نڪري آيا ، مختلف ڳوٺن جا  رهواسين پاران ايس ڊي او ڀان جي آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ، ايس ڊي او خلاف سخت نعريبازي ، ان موقعي تي ٻهراڙي فيڊر ٽو جي رهواسي ڳوٺاڻن امير بخش خشڪ ، نياز محمد خشڪ ، نويد ، عبدالغني خشڪ ڌڻي بخش پنهنور ، اسمائيل پنهنور ۽ ٻين ايس ڊي او ڀان جي آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ايس ڊي او ڀان فاروق قابورو خلاف سخت نعريبازي ڪندي دانهيندي  چيو  ته ايس ڊي او سيپڪو جي هدايتن تي سيپڪو عملي فيڊر ڀان ٽو کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڊي فٽنگ لڳائي آهي، جنهن جي ذريعي ٻهراڙي فيڊر جي هڪ حصي جي بجلي ڏينهن جو به هلي ٿي، هڪ حصي جي ڳوٺن کي 24 ڪلاڪن مان صرف 3 ڪلاڪ بجلي فراهم ٿئي ٿي،ڳوٺ ڀنڀڻ، طالب شاهه، پيرشاخ، ، خير محمد پنهنور ، ٻڳهيا ڪالوني ، وڏا ڀنڊ ، ڳهيلا پنهنور ، ڳوٺ پير محمد  سميت ٻين ڪيترن  ڳوٺن جي بجلي ڏينهن جو بناجواز جي بند رهي ٿي، رهواسي گرمي ۾ تڙپڻ لڳا آهن، رات جو مڇرن جو آزار آهي، جنهن جي ڪري ڳوٺاڻا راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن، ۽ خلق خدا سخت تڪليفن ۾ آهن ، انهن چيو ته اسان ڳوٺ ڀنڀڻ واسي هر مهيني 50 کان وڌيڪ بل پياريندا آهيون ،  پر ظالم سيپڪو عملدارن جي ڪنن تي جوءِ به نه ٿي چري، صرف رات جو 9 بجي کان 12 بجي تائين بجلي ڏني وڃي ٿي جيڪا هٿرادو فالٽ ڄاڻائي ڊم ڪئي وڃي ٿي،هنن  سيپڪو چيف سکر کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بجلي فراهمي يقيني بڻائي ٻئي صورت ۾ احتجاجن ڀان شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.