اڪري لڳ جهيڙو، گهر کي باهه، همراهه زخمي، هڪ گرفتار، احتجاج

اڪري چودڳي (ن ع آ)  اڪري ڀرسان بلادي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 9 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران  گهر باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته مبينا طور ڪهاڙيون لڳڻ  سبب هڪ ڄڻو محمد امين بالادي زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي پڪاچانگ اسپتال نيوويو بعد زخمي جي حالت خراب هجڻ سبب کيس خيرپورسول اسپتال منتقل ڪيو ويو، هڪ ڄڻي قلندر بخش بلادي گرفتار ڪري ورتو . ٻي طرف  متاثر ڌر جي علي مدد،علي مردان،ميرحسن۽ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سلام بالادي وارن کان 1988۾ 9 ايڪڙ زمين خريد ڪئي، ان وقت زمين زرعي بئنڪ ۾ گروي هئي اسان پئسا ڀري آزاد ڪرائي ۽ هنن کان زمين جو کاتو ڪري ڏيڻ جو چوندا رهياسين پر سلام بلادي واري ڌر ٽال مٽول ڪري ٽاريندي رهي،عطا حسين بالادي ،فوجي قلندربخش ،ميهر علي،جميل حسين،حاجي خان،ٻاجهي خان اعجاز علي ۽ تاج محمد بلادي لٺيون ڪهاڙيون کڻي حملو ڪيو اسان جي هڪ همراھ کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو گهر کي پڻ باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ گهر جو لوڙهو سڙي ويو، وڏو وزير  ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي تحفظ ڏئي جوابدار گرفتار ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.