ڪوٽڙي ۾ شاگردياڻي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو، عدالت ۾ دخواست

ڪوٽڙي (ت ر ) ڪوٽڙي ۾ انٽر جي شاگردياڻي پر اسرار نموني قتل ٿيڻ جو انڪشاف، ڪوٽڙي ۾ مهينو اڳ پر اسرار نموني قتل ٿيل انٽر  جي شاگردياڻي جي اڃان تائين ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي،سيشن جج ڄامشورو عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، هڪ مهينو اڳ ڪوٽڙي جي خانزاده ڪالوني جي رهواسڻ انٽر جي شاگردياڻي 20 سالا عقيلا شيخ پر اسرار نموني قتل ٿي هئي. سندس والده جهان آرا بيگم موجب گذريل مهيني 4 سيپٽمبر تي اوچتو لا پتا ٿيل سندس ڌيءَ عقيلا جو لاش ٻئي ڏينهن تي سندس گهر جي پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ  مان مليو،اسان مسلسل انصاف لاءِ دانهي رهيا آهيون ڪير  به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، علائقي جي با اثرن جي دٻاءَ سبب پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان مسلسل لنوائيندي رهي آهي.  سيشن جج ڄامشورو ۾ درخواست ڏني آهيهوڏانهن سائيٽ ڪوٽڙي پوليس موجب ٿاڻي تي اهڙي قسم جي ڪابه شڪايت درج ناهي ٿيل نه ئي وارث ايف آءِ آر جي لاءِ ڪڏهن ٿاڻي تي آيا آهن، وارثن درخواست ڏني ته معاملي جي جاچ ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.