جوهي ۾ پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

جوهي ( ن ع آ ) جوهي ۾ زرعي پاڻي نه ملڻ خلاف مختلف شاخن جي آبادگارن غلام قادر رند، امام علي رستماڻي، ميهر گاڏھي، مير محمد لغاري، جهنڊو لغاري، خان محمد رودناڻي، صفر لنڊ ، گلشير رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پبلڪ پارڪ کان  احتجاجي مظاھرو ڪري  جوهي  دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ، ٻنهي پاسن کان گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي  آبادگار اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته منڍ جي پاڻي ڇورن جو فصل لهي مارڪيٽ ۾ پهچي  ويو آھي اسان آبادگار زرعي پاڻي جي حاصلات لاءِ دانهي رهيا آهيون،  انجنيئر آبادي جو پاڻي ڏيڻ بجاءِ ايم اين وي ڊرين جو زهريلو پاڻي ۽  مختلف ڍنڍن سميت جوهي ڊرينيج سسٽم ناڪاره جو بدبودار  پاڻي اسان  متاثرين آبادگارن جي  شاخن ۾ ڇڏيو ويو آھي جنهن سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمينو خراب ٿي رهيون آھن . بدبودار پاڻي سبب آرام ناهي چوپايو مال بدبودار پاڻي پيئڻ سبب بيمار ۽ مرڻ لڳو آھي هنن چيو ته جوهي برانچ تي منڍ جي با اثر کاتيدارن جو زرعي پاڻي تي قبضو برقرار آھي سر عام غير قانوني پائپ لفٽ مشينو لڳائي پاڻي تي ڌاڙو جاري آھي، ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ، آر مي چيف، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اختيارين کان ته پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پڇڙي ۾ پاڻي پهچايو وڃي.

چوهڙ جمالي ۾سارين جو نقلي ٻج وڪرو، فصل تباهه

چوھڙجمالي( ن ع آ ) چوھڙجمالي ۾ غير معياري ۽ مدي خارج زرعي ٻج . ڀاڻ جو وڪرو وڏي تعداد ۾  ٿيڻ ڪري شاھبندر تعلقي  جي زميندارن کي وڏو نقصان پھتو آھي .  تحفظ ايگرو مارٽ ڪمپني پاران سارين جو نقلي ۽ غير معياري ٻج وڪرو ڪري آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پھچايو آھي ـ تحفظ ڪمپني جي ڊيلرن ۽ فيلڊ آفيسرن زميندارن سان گڏجاڻيون ڪري کين ٻڌايو تـ تحفظ ڪمپني جو ٻج في ايڪڙ تي  120 مڻ ساريال جو فصل لهندو پر جيئن ئي ساريال جو لابارو شروع ٿيو ته تحفظ ڪمپني جي هائبرڊ ٻج جي پت وائکي ٿي پئي في ايڪڙ 120 عيوض 60 مڻ فی ايڪڙ ايوريج ڏني آھي جنهن کانپوء برسات سٽيل زميندارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آھن . . جڏھن تـ زرعي ٻج ڀاڻ وڪرو ڪندڙ تحفظ ڪمپني پاران پنھنجي ڊيلرن ۽ ايس او . ايف اوز کي ٽارگيٽ پورو ڪرڻ تي کين ملڪي غيرملڪي ٽوئرز ۽ قيمتي تحفا ڏيڻ جون لالچون ڏيئي زميندارن سان ھٿرادو فراڊ ڪيو ويو آھي

ڏهرڪي ۾ نقلي زرعي دوائن جي وڪري خلاف احتجاج

ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي ۾  غير معياري ۽ نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ غلام رسول معرفاڻي ٻڌايو ته شهر ۽ ڀرپاسي زرعي دوائن جا ڊيلر زراعت کاتي جي عملدان جي آشرواد سان سرعام دوڪانن تي غير معياري  ۽ نقلي دوائون وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن سبب هزراين ايڪڙن تي پوکيل آبادگارن جو ووئڻن جو فصل مڪمل طور تباه ٿي ويا آهن پر ڊيلرن پاران وڪرو ڪيل غير معياري دوائون جي اسپري سبب فصل مڪمل طور تباه ٿيڻ باوجود وياج تي زرعي دوائون ڏيندڙ ڊيلر پاران جي آشرواد سان غريب هارين کان قرض جي رقم آڳاڙي لاءِ پوليس معرفت انهن کي حراسان ڪري رهيا آهن جنهن جي اسان مزمت ڪندي ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جعلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن ۽ انهن سان ڀاڱي ڀائيوار زراعت کاتي جي عملدارن خلاف ڪاراوئي ڪري آبادگارن جو قرض معاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.