نئين ديري لڳ پورهيت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) نئون ديرو ڀرسان رائيس مل ۾ پاڻي واري موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڳوٺ خان شيخ واسي 8 ٻارڙن جو پيءُ 50  سالن جو پيرسن پورهيت معشوق علي شيخ بيهوش ٿي پيو جنهن کي ٻين پورهيت فوري طور بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران پيرسن جي طبي معائني بعد سندس جي موت جي تصديق ڪئي جنهن دوران وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي پيرسن پورهيت جي پٽ سليم شيخ ٻڌايو ته منهنجو پيءُ معشوق علي ڳوٺ ڀرسان رائيس مل ۾ پورهيتو ڪندو هو جتي پاڻي واري موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هو بيهوش ٿيو کيس ٻين پورهيتن بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال آندو جتي سندس جي موت جي تصديق ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي پورهيت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.