ڪنڊيارو لڳ ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ ڳوٺاڻو فوت

ڪنڊيارو (ن ع آ) ڪنڊيارو ويجهو لاکا روڊ لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي روڊ پار ڪندڙ ڳوٺاڻي مٿان چڙھي وئي۔ ٽرالي جي هيٺان اچي  سعيد پور جو رهواسي پنجاه سالن جو پيرسن محمد علي مڱريو فوت ٿي ويو واقعي بعد حد جي ڪنڊيارو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش تعلقه اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔ فوتي شخص متعلق ٻڌايو پيو وڃي ته هو حادثي گهر ڀرسان رستي تان گذري رهيو هو ته ساڻس واقعو پيش آيو۔.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.