خيرپور ۾ مينهن جي واڙي کي باهه، 5 مينهن جا ڦر ۽ سامان سڙي ويو

خيرپور (ڊر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد محله اوستوگاهي ۾  سڪندر شيخ جي مينهن جي واڙي کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي /ڏسو صفحو 2 ڪالم 6۾ واڙي ۾ بيٺل 5 مينهن جا ٻچا هڪ سئو مڻ بنهن  ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو ان سلسلي ۾ سڪندر شيخ صحافين کي ٻڌايو ته ڪنهن سان به دشمني نه آهي خبر ناهي ته واڙي جي ڇپڙ کي ڪنهن باهه ڏني ڪا به خبر نه ٿي پئي هن چيو ته فائربرگيڊ عملي کي موقعي تي اطلاع ڏنو پر معملول موجب هڪ ڪلاڪ دير سان فائر برگيڊ ۽ عملو پهتو تيستائين واڙي ۾ ڪا به شي نه بچي هن چيو ته غريب مسڪين آهيان مينهن جو کير وڪڻي ٻچن جو سفر گذر ڪندو آهيان واڙي کي باهه ڏئي مون سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي هن  چيو ته 5 لک روپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي هن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته واقعي جي انڪوائري ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.