جيڪب آباد سول اسپتال ۾ باهه، سامان خاڪ

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ سول اسپتال جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ باهه، ڪورونا لاءِ آيل سامان سڙي رک، فائر برگيڊ عملو /ڏسو صفحو 2 ڪالم 6پھچي باھ تي ضابطو آندو سول اسپتال جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو باهه لڳي ويو باھ لڳڻ سبب ايم ايس آفيس ڀرسان اسٽور روم ۾ ڪورونا وائرس جي بچاءُ لاءِ رکيل سامان سڙي رک ٿي ويو اطلاع تي فائر برگيڊ عملو پھچي باھ تي ضابطو آندو باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ آفيسن ڏانهن پکيڙڻ کان روڪي ورتو باھ تي ضابطو اچڻ سبب ايم ايس آفيس، رڪارڊ روم، اڪائونٽنٽ جا آفيس محفوظ رھيا آھن ان سلسلي ۾ ايم ايس ڊاڪٽر انيس سنجراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته باھ جنريٽر مان شارٽ سرڪٽ ھئڻ سبب اسٽور روم ۾ لڳي آهي باھ لڳڻ سبب اسٽور روم ۾ ڪورونا وائرس جي بچاءُ لاءِ رکيل سامان، گلوز، ماسڪ ۽ آئسوليشن وارڊ جي لاءِ رکيل گتا سڙي رک ٿي ويا آهن فائربرگيڊ عملي بروقت پھچي باھ تي ضابطو آندو .

جنهن سبب قيمتي رڪارڊ سميت ٻيون آفيسون محفوظ رھيون آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.