شڪارپور پوليس ڏهاري نٿي پڪڙي: آءِ جي سنڌ کي خط

شڪارپور ( ڊ ر ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور جو آءِ جي سنڌ کي ٻيو خط لکي ڇڏيو۔ شڪارپور پوليس خطرناڪ ڏوهن ۾ ملوث /ڏسو صفحو 2 ڪالم 1يسن ۾ جوابدار گرفتار نٿي ڪي۔ عدالت  ۾ رڳو  چالان پيش ڪري خانه پُري ڪئي وڃي ٿي.ڏوهاري شهرن ۾ کلي عام گهمي رهيا آهن، پوليس جاچ جو بهانو بڻائي وقت وڃائي ٿي ۽ گرفتاريون نٿيون ڪيون وڃن. تفصيل موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ، طرفان  آءِ جي سنڌ کي  ٻيو خط لکي ڄاڻايو آهي ته شڪارپور پوليس اهلڪارن پاران خطرناڪ ڏوهن ۽ ڪ.يسن ۾ ملوث جوابدارن کي پڪڙڻ جي ڪابه سنجيده ڪوشش نٿي ورتي وڃي.خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي، پوليس عملدارن پاران ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ، تفتيشي آفيسر مختلف حيلن بهانن سان ٽائيم ضايع ڪن ٿا ۽ آخر ۾ ڪورٽ ۾ چالان پيش ڪري خانه پُري ڪئي وڃي ٿي ۽ خطرناڪ ڏوهاري پڪڙيا نٿا وڃن خطرناڪ ڏوهن ۾ ملوث 81 جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته آءِ جي سنڌ، شڪارپور پوليس پاران فقط چالان جمع ڪرڻ واري روايت کي ٻنجو ڏئي ۽ خطرناڪ ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.