ڀنڊار ۽ ڏنگي تاريخي طور سنڌ جي ملڪيت آهن: نواز خان زئور

حيدرآباد ( پ ر ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي باڊي جو اجلاس پارٽي سربراهه نواز خان زئور جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿي /ڏسو صفحو 2 ڪالم 6گذريو، جنهن ۾ محمد علي خشڪ، هالار رتڙ، تراب جتوئي، زاهد زهراڻي، دودو سيال، عبدالله ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي واري رٿا خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ٨ نومبر تي سکر ۾ بک هڙتال ڪئي ويندي. جڏهن ته ١٧ آڪٽوبر تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀريون وينديون. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نواز خان زئور چيو ته ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽ تاريخي طور تي سنڌ جي ملڪيت آهن. وفاق کي انهن تي قبضي جو ڪوبه اختيار نه آهي۔ صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ گھرجي۔ پ پ جي سنڌ حڪومت ۽ وفاق ملي ڀڳت ڪري سنڌ جون زمينون، ملڪيتون ۽ وسيلا تين وال ڪري رهيا آهن۔ جنهن عمل کي ڪنهن به طور قبول نه ڪيو ويندو۔ ٻيٽن تي قبضي خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سياسي جدوجهد جاري رکي ويندي.۔ نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته اسان گڏيل جدوجهد ۾ يقين رکون ٿا۔ جيئي سنڌ قومي پارٽي پنهنجي پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکڻ سميت گڏيل جدوجهد جو حصو پڻ رهندي۔ هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي حدن کي چين حوالي ڪرڻ واري عمل کي رد ڪريون ٿا۔ سنڌ جي وسيلن کي ڌارين حوالي ڪرڻ سنڌ جي لتاڙ آهي۔ اهڙي عمل کي ڪڏهن قبول نه ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.