مبارڪپور ۾ همراهه کي ڪتي چڪي وڌو، احتجاج

مبارڪپور( ن ع آ) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ فقير آباد ۾ مال چارڻ دوران پورهيت امان الله مهر کي ڪتي ڏاڙھي وڌو جيڪو بي ايڇ يو /ڏسو صفحو 2 ڪالم 3مبارڪپور ۾ وئڪسين لاءِ آندو ويو جتي مبارڪپور جي بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ ڪتي جي چڪ پائڻ واري وئڪسين نه هجڻ سبب همراھ کي ليٽر ٺاهي جيڪب آباد ريفر ڪيو همراھ جو مبارڪپور ۾ اسپتال ۾ وئڪسين نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته هڪ اسان غريب ماڻھون اسان وٽ جيڪب آباد وڃڻ جيترو به خرچو ڪونهي اسان ڪٿان وڃو ۽ آئون ضلعي انتظاميا ڊي سي جيڪب آباد ڊي ايڇ او پي پي ايڇ آئي جي ڊسٽرڪٽ مينجر کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪيو ته اها اسانجي سرڪاري اسپتال مبارڪپور ۾ ڪتي چڪ پائڻ واري وئڪسين جي سهولت ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.