مقصودي رند ۾دڪان جا تالا ڀڃي رقم ۽ سامان چوري

مقصودو رند (ن ع آ) مقصودو رند ۽ ڀرپاسي ۾ چور ٻرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ رات جي اونداهي ۾ ڳوٺ خان رند ۾ پورهيت مسڪين علي /ڏسورند  جي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل ڪيش رقم 60 هزار رپيا ۽ سگريٽ ۔چانور ۔کنڊ ۔پتي ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا ان حوالي سان دڪاندار پورهيت مسڪين علي رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آء غريب مسڪين آهيان منهجو گذر سفر دڪان تي آهي پر نامعلوم چورن منهجي دڪان جا تالا ٽوڙي منهجي ڪيش رقم ۽ هزارين رپين جي ماليت جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا .۽ آء اپيل ٿو ڪيان اعلي اختيارن کي ته چوري واپس ڪرائي وڃي.  واضع رهي ته مقصودو رند ۽ ڀرپاسي ۾ چورن ۔ڦرن جا واقعا وڌندا پيا وڃن ۽ بدامني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر درياء خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس اگهور ننڊ ستل آهي ۽ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي ۽ هتان جي سياسي ۔سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ سخت تاء پکڙيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.