سکر ۾ريلوي جو چورايل سامان هٿ، 2 ڄڻا گرفتار

سکر( رپورٽر) ريلوي پوليس پاران سرڪاري سامان چوري ڪندڙن خلاف ڪاروائي، سامان ھٿ. خبرموجب ريلوي پوليس سکر ڊويزن /ڏسو صفحو 2 ڪالم 2جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ريلوي جو سرڪاري سامان چوري ٿيڻ جي شڪايت تي روھڙي ريلوي پوليس روھڙي جي نيو يارڊ ڪالوني واري علائقي ۾ ڇاپو ھڻي جوابدار محمد بلال، ولد محمد رحيم ميراڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ھڪ اينڪر پليٽ، فش پليٽ ۽ ٻيو سرڪاري لوھ ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. جڏھن ته جوابدار جي نشاندهي تي روھڙي ۾ ڪٻاڙي لال بخش جاگيراڻي جي گودام تي ڇاپو ھڻي ريلوي جو لوھ ھٿ ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.