قمبر ۾ بد امني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

قمبر( رپورٽ: محمود شيخ)  شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جو لاڙڪاڻي قمبر روڊ احتجاج انتظاميا ڇتي نعريبازي، شهرين ٽائرن  کي باهيون ڏئي قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامريڊ اياز ٻرڙو،ايڊوڪيٽ نواب الدين چانڊيو،طارق سيال،صلاح الدين،ملوڪ مغيري ۽ ٻين چيو ته قمبر پوليس شهر جو امن ڏوهارين حوالي ڪري پاڻ اگھور ننڊ ستل آهي هڪ هفتي اندر موٽر سائيڪلن جو چوريون ڦرون چوٽ چڙهي ويو آهن ڦرون ڌاڙن جي وارداتن ۾ به اضافو ٿيو آهي پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ شهرين کي رڳو سکڻا دلاسا ڏيڻ تائين محدود آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.