نوابشاهه ۾ زمين تي قبضي خلاف جمالي برادري جو مظاهرو

نوابشاهه(ڊر ) کڏھر ٿاڻي جي حد ور اسٽاپ ڀرسان ڏھه ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪي تان جمالي برادري ۽ سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾  جھيڙو ٿي پيو، پوليس جي موجودگي ۾ نامعلوم ماڻهو شاھنواز جمالي جي ڌر جون ٻيٺل ٻن ڪرولا ڪارن جا شيشا ٽوڙڻ سان گڏ ڪارن کي نقصان پھچايو، اھڙي زيادتي خلاف شاھنواز جمالي پنھنجي برادري سميت سوين ماڻهن عثمان جمالي، محمد خان جمالي ۽ عباس جمالي ۽ سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڏھه ايڪڙ زرعي زمين شاھه زخ انڙ ۽ گھر ڀاتين کان خريد ڪئي آهي، قبضو به اسان وٽ آھي، اڄ اسان ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ ٽريڪٽر ڪاھي زمين تي وياسين ته اتي 20 کان وڌيڪ ھٿياربند مرتصيٰ سيال، يوسف جمالي ھٿيارن جي زور تي سڌيون گوليون ھلائي ٽريڪٽر ۽ ٻن ڪار گاڏين جا شيشا توڙي انھن کي نقصان پھچايو، ھنن چيو ته اسان پوليس کي اطلاع ڏنو آهي ليڪن کڏھر پوليس بااثر شخص جي ونڱار وھندي جوابدارن خلاف ڪيس داخل نٿي ڪري، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.