نئون آباد ۾ 3 دڪانن کي کاٽ، متاثرن جو احتجاج، 3 ڄڻا گرفتار

ڄام نوازعلي(ن ع آ) نئون آباد شهر ۾ تلاشاه چوڪ تي مين روڊ جي ٽن دڪانن اسپئير پارٽ ,منياري پرچون جي دڪان  کي نامعلوم چورن ڇت ٽوڙي دڪانن ۾ پيل ٽن لکن کان وڌيڪ روڪ رقم ,موبائل  فون،سگريٽ ٻيو قيمتي سامان چورائي آساني سان  فرار ٿي ويا  بعد ۾ دڪانن جي مالڪن کي اطلاع ڪيو دڪاندارن پهچي پوليس کي اطلاع ڪيو ليڪن پوليس روايت برقرار رکندي دير سان پھتي پهچي پوليس چيو ته صبح جو پيرا کڻداسين جنهن ته دڪاندارن سخت احتجاج ڪيو جڏنهن ته ڊي ايس پي ڄام نوازعلي عبدالقادر ميمڻ واقعي هند پهچي جاء واردات ڏسي دڪاندارن جا بيان وتا بعد پوليس شهر جي چوڪيدار علي حسن مڱريو  ۽ سندس ٻن پٽن کي گرفتار ڪري کين لاڪپ ڪيو   جن کان آڏي پڇا ڪئي پئي  جڏنهن ته  متاثر دڪاندارن ديوان تارو مل ,ديوان گنشام,جهامن داس   ٻڌايو ته اسان هندن سان   هر وقت  ظلم  ٿي رهيو آهي.  هتي اسان کي  ڪو به تحفظ نه آهي  هر وقت اسان جيون چوريون ٿي رهيون آهن . چورن جي خلاف انتظاميه ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي  اسان حڪومت سنڌ ۽ انتظاميه کي اپيل ڪريون ٿا ته نوٽيس وٺي چورن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي  اسان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪئي وڃي   جڏنهن ته ڊي ايس پي ڄام نوازعلي عبدالقار ميمڻ  صحافين سان  ڳالهائيندي چيو ته چوري جي جئين اطلاع  مليو ته   واقعي هند پهچي جانچ ڪئي آهي چوڪيدار کي گرفتار ڪيو آهي جلد چوري ۾ ملوث جوابدارن کي  گرفتار ڪنداسين شهرين کي هر طرح جي تحفظ فراهم ڪنداسين  چڏنهن ته شهر ۾ چورين جي وڌندڙ ڏوهن سبب شهري سخت پريشان  پوليس چورن جي خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.