ڪوهستان ۾ آر او پلانٽ ناڪاره، مٺو پاڻي ناياب، احتجاج

ٺٽو(ڊ ر ) ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي ۾ قائم آر او پلانٽ بند ٿيڻ سان گڏ ناڪارہ ھجڻ ڪري ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي جا  رھواسي اڃ مرڻ تي مجبور ٿيڻ سان گڏ مقرر ٿيل ملازم پگھارون نہ ملڻ ڪري بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن ان سلسلي ۾ متاثر ٿيل ڪيترن ئي ڪوھستان جي رھواسين پاران جھمپير، جنگشاھي، لوڻي ڪوٽ، ڄنگھڙي، ڳوٺ حاجي سليمان بروھي، ڳوٺ صالح محمد گجڻ، ، نالماڙي سميت سمورا آر او پلانٽ چالو ڪري ملازمن کي رھيل پگھارون ڏيڻ لاء پريس ڪلب مڪلي سميت ڊي سي آفيس ۽ پبلڪ ھيلٿ آفيس مڪلي آڏو الڳ الڳ احتجاجي مظاھرا سليم رضا قريشي، محمد خان بروھي، جي اڳواڻي ۾ ڪري ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي ۾ قائم آر او پلانٽ ناڪارہ توڙي بند ٿيڻ ڪري ڪوھستان واسين کي پيئڻ جو پاڻي نہ ملڻ ڪري اڃ مرڻ تي مجبور بڻيل آھن .  ملازمن کي رھيل ھڪ سال جون پگھارون ڏيئي فاقہ ڪشي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.