ڀان ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي ۽ بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو

ڀان سيدآباد  ( رپورٽ : آدم مينگل ) ڀان سيدآباد ۾ جوهي حد جي ڳوٺ سڀڙ شورو جي رهواسين پاران ڳوٺ سڀڙ شورو ۾ زرعي  زمين 150 ايڪڙن تي بااثرن پاران مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هڻي جوهي ڀان پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ياسر شورو ، اصغر شورو ، غلام قادر شورو ۽ ٻين صحافين اڳيان داهيندي چيو ته ڳوٺ سڀڙ شورو ۾ اسان جو 150 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن تي ڳوٺ جو بااثر شخص يوسف شورو ، نظير شورو ۽ عزيز شورو قبضو ڪرڻ چائين ٿا  ۽ جوهي ۽ ڀان  پوليس زمين تي قبضو ڪندڙ ۽ حملو ڪندڙ  جوابدار ڌر سان ٻٽ  بڻيل آهي،  زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر جوابدار ڀان شهر ۾ هٿيار بندن حملو ڪري نوجوان اصغر شورو کي سخت زخمي ڪيو هيو ، جيڪو ڀان تاڻي تي اين سي داخل ڪرڻ باوجود ڀان پوليس جوابدارن کي گرفتار لاءِ تيار ناهي، ميڊيڪل ليٽر ملڻ باوجود پوليس با اثر جي چرچ تي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان کي حراسان ڪري رهي آهي،زرعي زمينن تي پڻ بااثرن يوسف ، نظير ۽ عزيز شورو قبضو ڪري هٿيار بند ويهاري ويٺا آهن زمين تي ڪم ڪندڙ هارين کي پڻ ڌمڪي ڏيئي ٽريڪٽر کي ٻاهر ڪڍي چڏيو ، بااثر شخص اسان جي اوطاقن ۽ گهرن تي بار بار فائرنگ ڪري اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪي ڏئي رهيا آهن، ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺن، ٻئي صورت ۾ انصاف نه مليو ته وزير اعليٰ هاوس واهڙ اڳيان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.