لاڙڪاڻي ۾ رڪشا ڊرائيورن جي مهانگائي خلاف ريلي، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڊرائيور رڪشا ليبر يونين پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، رڪشائن مان گيس سلينڊر ختم ڪرڻ ۽ بدامني خلاف اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي مان رڪشائن تي چڙهي ريلي جي صورت ۾  شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي صدر سيد بادشاهه، نائب صدر انور علي جتوئي، چيئرمين روشن علي جاگيراڻي، عبدالوحيد ابڙو ۽ ٻين چيو ته موجوده حڪومت ملڪ مان بيروزگاري ختم ڪرڻ بجاءِ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ اضافو ڪري غريبن کي ختم ڪري رهي آهي ملڪ ۾ اڳ ئي روزمره جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي ڪري غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن ويتر حڪومت رڪشا ڊرائيورن کي بيروزگار ڪرڻ جي سازش ڪندي رڪشائن مان گيس سلينڊر ختم ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو پوليس کي سخت هدايتون جاري ڪيون ان تي پوليس رڪشائن مان گيس سلينڊرون لاهي رهي آهي جنهن سان سوين رڪشا ڊرائيور بيروزگار ٿي ويندا.   هنن چيو ته اسين غريب طبقي جا پورهيت رڪشائون هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندا آهيون ان کان علاوه اسان جو ٻيو ڪو به ڪاروبار ناهي پيٽرول تي رڪشائون هلائڻ سان اسان جو روزگار ٺپ ٿي ويندو. هنن چيو ته ڪجهه ئي مهينن ۾ لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن مان ڪيترن ئي پورهيتن کان رڪشائون ۽ پئسا ڦر ڪرڻ وارا واقعا ٿيا آهن جن ۾ ملوث ڏوهارين کي لاڙڪاڻو پوليس گرفتار نه ڪري سگهي جنهن ڪري لاڙڪاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي ۽ پورهيت طبقو روزگار به ڪري نه ٿو سگهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مهانگائي تي ضابطو آڻي رڪشائن مان گيس سلينڊر ختم ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي بدامني تي ضابطو آڻي چوري ۽ ڦر ٿيل رڪشائون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.