باهو کوسو لڳ چوري ڪوشش، فائرنگ تي چور فرار

باهو کوسو (ن ع آ) سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دُورو کوسو ۾ نامعلوم چورن ڳوٺاڻي منير احمد کوسو جي گھر کي کاٽ ھڻي مينھن چورائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳيا  سُجاڳ ٿي پيا فائرنگ جي ڏي وٺ بعد چور فرار ٿي ويا هن  جي ويجھو موجود محمد پناه چنا پوليس پڪٽ تي مقرر پوليس اھلڪار ڊيوٽين تان غيرحاضر رھڻ سبب چورين جو آزار ھڪ ڀيرو ٻيھر وڌي ويو علائقي واسين ايس ايس پي جيڪب آباد کان مُطالبو ڪيو ته محمد پناه چنا پوليس پڪٽ تي 1/5 جو عملو پوليس موبائيل سميت مقرر ڪري علائقي ۾ امن و امان کي يقيني بڻايو وڃي.  ڇو ته محمد پناه چنا پوليس پڪٽ ٽن ٿاڻن سي سيڪشن ٺُل، باھُوکوسو ۽ ڳڙھي حسن جون حدون گڏجن ٿيون ان پڪٽ تي مستحڪم ۽ متحرڪ پوليس نفري مقرر ڪرڻ سان ٽنھي ٿاڻن جي حدن اندر امن و امان جي صورتحال کي بھتر بڻائي سگھجي ٿو

مبارڪپور ڀرسان چور ڳوٺ مان ڀلوڙ مينهن چور فرار ٿي ويا

مبارڪپور( ن ع آ) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ لطف آباد کوسو ۾ رات نامعلوم چورن پورهيت حفيظ الله کوسو جي گهر کي کاٽ ھڻي ڀلوڙ مينهن ڪاهي ويا ڀاڳيا جاڳڻ واري علائقي ۾ پيرو وڄائي موٽي آيا مبارڪپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي.

لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 7 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه ايس ايڇ او حيدري سب  انسپيڪٽر لياقت علي کجڙ شهري زوهيب جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل ڪيس ۾ روپوش جوابدار سجاد عرف چاند خان ڀٽو کي چوري ٿيل موٽرسائيڪل سميت، ايس ايڇ او رتوديرو سب انسپيڪٽر سجاد احمد ڀٽي اشتهاري جوابدار شمن خروس، روپوش فرزند پهوڙو ۽ عمران چنو کي شراب سميت، ڪنگا پوليس ڳوٺ بچل مهيسر ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي ٽن جوارين علي گل، شفيق ۽ خميسو خان کي روڪ رم سميت، نئون ديرو پوليس چوري ٿيل موٽرسائيڪل ۽ سامان جڏهن ته ايس ايڇ او سول لائين انسپيڪٽر عبدالغفور ڇٽو جديد اوزارن جي ذريعي چوري ٿيل موبائيل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.