جيڪب آباد ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ڀرسان 9 ڏينهن اڳ زميني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو، ايس ايس  پي آفيس اڳيان ڌرڻو، جيڪب آباد جي پنھون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لکمير ڪٽوهر واسي نوجوان صوبو ڪٽوهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن رحيم علي ڪٽوھر جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو مظاھرين ايس ايس پي جيڪب آباد آفيس اڳيان پھچي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب پوليس ھيڊ ڪوارٽر روڊ بلاڪ ٿي ويو ان موقعي تي وارثن دانھيندي چيو ته 9 ڏينهن اڳ مندراڻي برادري جي هٿياربندن غلام مصطفیٰ، پنهل، حاڪم، مير جعفر، هزار مندراڻي اسان جي نوجوان صوبو ڪٽوهر کي بينگاهه بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو جنهن بعد حد جي پنهون ڀٽي ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي پر پوليس اڃان تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، ھنن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته احتجاج جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.