ڊکڻ لڳ ٻن ڌرين ۾جهيڙو، فائرنگ،هڪ ڄڻو قتل

ڊکڻ ( ن ع آ )   ڊکڻ لڳ نبي شاھ وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير خان ککراڻي ۾ واري جي دڙن تان مٽي کڻڻ تان  ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين علي دوست ککراڻي ۽ عبدالحميد ککراڻي وچ ۾ هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو  آهي،جڏهن ته ڌرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ويڙھ جاري رهي،جنهن سبب ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي انڌاڌنڌ فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي،جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڌر عبدالحميد ککراڻي جو هڪ ڄڻو 45 ورهين جپ عبداللطيف ککراڻي پٽ علي نواز ککراڻي  شديد زخمي ٿي پيو،جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڳڙهي ياسين  اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو،مقتول جي لاش جو ڳڙهي ياسين اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارث حوالي ڪيو ويو،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي نبي شاھ وڳڻ پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ شير خان ککراڻي جي ککراڻين ۾ واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي.

 

ڍ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.