ڏهرڪي جا 2 مغوي نه موٽيا، 50 لک ڀنگ طلب، وارث پريشان

ڏهرڪي (ت ر)  ڏهرڪي مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي وارثن کان ڌاڙيل 50لک رپيا ڀنگ گهري ورتو، مغوي عابد ڏهر ۽ اڪبر ڪانجو کي پنو عاقل مان اغوا ڪيو ويو هو ۔۔۔۔  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عابد ڏهر ۽ اڪبر ڪانڃون  جمعي ڏينهن ٻين وڳي گهران نڪتا جن کي پنوعاقل مان ڌاڙيل اغوا ڪري ويا ۽ ۽ هنن رابطو ڪري چيو آهي پنجاه لک جو بندوبست ڪريو هنن چيو ته اسان۔غريبروز ڪمائڻ ۽ رز کائڻ وارا آهيون ڌاڙيلن جي ڀنگ جا پيسا ڪٿان آڻيون۔هنن چيو ته اسان ڏهرڪي ٿاڻي تي وڃون ٿا ته ايس ايچ او تعاون ڪرڻ بجاء حد جو تڪرار ڄاڻائي اسان کي بيعزتو ڪري ٿاڻي تان ڀڄائي ٿو اسان وٽ ڀاڙي جا پيسا ڪونهن ته اسان ڪيئن ڪاڏيو وڃون هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته اسان غريبن جي مدد ڪيو مغوي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي.

لاڙڪاڻي جا 6 کنڀيل اڃا ڪال ڪوٺڙين ۾، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي  آزاديءَ لاءِ تصويرن وارا بئنر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مختيار بيگم چانڊيو، رحمت خاتون سومرو، اقصيٰ دايو، افسانه دايو، عبداللطيف سولنگي، ضياءُ الدين مغيري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي نوجوان انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو. ، شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان 22 نومبر 2017ع تي اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي کي، 26 نومبر 2019ع تي خالق ڪالوني مان پورهيت نوجوان غلام عمر مغيري کي کنڀي گم ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي مان لاڙڪاڻي واسي ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن فراز احمد، شيراز سومرو ۽  7 جولاءِ 2020ع تي عاقب چانڊيو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته اسان پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، اسان سڀئي گهر ڀاتي سخت ڏک ۾ ورتل آهيون ۽ نوجوانن جي جدائي ۾ سندن ڪيترائي گهرڀاتي بيمار ٿي بسترن تي پيل آهن. هنن وس وارن ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي سڀني نوجوانن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

ٺل جو مغوي نينگر نه موٽيو، احتجاج

ٺل (ن ع آ)ٺل ڀرسان اغوا ٿي ويل نينگر بازياب نه ٿي سگهيو،نينگر جي بازيابي جي لاءِ احتجاج هلندڙ،نينگر جي بازيابي جو  مطالبو،خبر موجب ٺل ڀرسان ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد اسماعيل کوسو مان اغوا ٿي ويل نينگر حافظ الطاف حسين کوسو جي بازيابي جي لاءِ سندس والد حبيب الرحمان کوسو پاران احتجاج جاري رکندي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو،مغوي حافظ الطاف حسين جي والد حبيب الرحمان کوسي ٻڌايو ته منهنجي پٽ حافظ الطاف حسين کوسو کي اغوا ڪيو ويو پر پوليس مغوي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي،مهنجي نينگر جي اغوا ڪيس ۾ پوليس اهلڪارن جي خلاف ڀٽي ڀائي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جنهن ڪري منهنجو پٽ بازياب نه ٿي سگهيو آهي،هن مطالبو ڪيو ته منهنجي پٽ حافظ الطاف حسين کوسو جي ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن کي گرفتار ڪري منهنجي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي،ٻئي صورت ۾ مان سخت احتجاج ڪندس.

”سنڌ جا کنڀيل  ظاهر ڪريو“ جيڪب آباد ۾ سنڌ سڀا جي بک هڙتال

جيڪب آباد(ڊر) سنڌ مان "کنڀي گم ڪيل سنڌين کي پڌرو ڪيو”  جيڪب آباد ۾ سنڌ سڀا پاران احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب آڏو علامتي ڪيمپ قائم سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل  قومي ڪارڪنن ۽ نوجوان کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ ” سنڌ سڀا” پاران احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو مظاھرين پريس ڪلب آڏو پھچي 6 ڪلاڪن تائين علامتي ڪيمپ قائم ڪري ورتي.  ان موقعي تي سنڌ سڀا جي انعام سنڌي، مرتضيٰ کوسو، ساجد ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته اسين سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ھڪ جون تي ڪراچي کان تحريڪ شروع ڪئي آهي.  اسان پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ تحريڪ ھلائي رھيا آھيون ھنن چيو ته اسين پوري سنڌ ۾ وڃي ڪري کنڀيل نوجوانن جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو آهي اسين نوجوانن جي آزادي لاءِ آواز اٿاريندا رھندا سين ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان کنڀي گم قومي ڪارڪنن ۽ نوجوان کي ظاھر ڪري منظر عام تي آڻيو وڃي کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي تائين تحريڪ جاري رکي ويندي

سيٺارجا ۾  مبينا اغوا ڄاڻايل ناري جي بازيابي لاءِ احتجاج

سيٺارجا ( ن ع آ ) سيٺارجا شهر جي پير پسايو پاڙي مان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نوجوان تازي پرڻيل هندو ناري شريمتي لهري زال لالو مل کي سيٺارجا پوليس ٽئين  ڏينهن به بازياب نه ڪرائي سگهي، جنهن خلاف ناري جي وارثن ۽ مارواڙي برادري جي وڏي انگ پاران هنڱورجا سئي گئس روڊ پريس ڪلب چوڪ وٽ ڌرڻو ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو، ٻئي پاسي وڏي منشي دوست محمد سومرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو اغوا ڄاڻايل لهري جي هندو ڌرم ڇڏي اسلام ٿيڻ جا اسان به اطلاع مليا آهن . سڀاڻي سندس وارثن سان گڏجي ان کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي سندس عدالتي بيان رڪارڊ ڪرايو ويندو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.