حيدرآباد ۾ عدالتي حڪم تي ڇاپو، 14 هاري آزاد

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ عدالتي حڪمن تي هڪ فارم تي پوليس ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 14 ڄڻن کي بازياب ڪرائي  ورتو آهي. ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ بسنت بروهي ۾ فارم تي هڻي ڇاپو هنيو. نارائڻ داس نالي شخص عدالت ۾ درخواست ڏني هئي ته سندس خاندان جا ماڻهو هڪ بااثر جي فارم تي قيد آهن، جنهن تي پوليس ڇاپو هڻي ماروي، روپا، مانو، راڌان، ڪرشن، راجو، رميش، ديو پرڀو ۽ ٻين کي بازياب ڪرايو آهي، جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.