سنڌ جي ٻيٽن تي  قبضن خلاف ٿيندڙ احتجاج

ايڊيٽوريل

اها ڳالهه ڪيڏي نه عجيب محسوس ٿي ٿئي جو اڄ سنڌ پنهنجي زمين، پنهنجي سمنڊ ۽ پنهنجي پهاڙين تي پاڻ مالڪيءَ جو اختيار جتائي رهي آهي، نه صرف اختيار جتائي رهي آهي پر ٻين لفظن ۾ اهڙي اختيار کي ماڻڻ لاءِ جهڙوڪر ڪفن سر سان ٻڌي جدوجهد جي ميدان ۾ پڻ لهي پئي آهي، سنڌ جي ٻن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي 2006ع کان وٺي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ تڪرار جاري آهي، سنڌ انهن ٻنهي ٻيٽن سميت ٻين ڪيترن ئي ٻيٽن تي پنهنجي مالڪي ثابت ڪندي رهي آهي ، جڏهن ته پاڪستان جو آئين پڻ سمنڊ جي 0- ناٽيڪل مائيلز  جي حد کان وٺي 12- ناٽيڪل مائيلز جي حدن تائين واري سامونڊي علائقي جي مالڪ آهي، انهيءَ قانون موجب ذڪر ڪيل سامونڊي حدن ۾ جيڪي به سامونڊي وسيلا  آهن، ٻيٽ آهن، بندر ۽ جيٽيون آهن اهي سنڌ جي ملڪيت آهن، جڏهن ته عالمي قانونن موجب پڻ اهڙا سمورا علائقا صوبن جي ملڪيت آهن. ايترن سارن قانوني سهارن هوندي به اڄ سنڌ کي پنهنجن ٻيٽن جي مالڪي ثابت ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پئجي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تان سندن جي اهڙي مالڪيءَ جي دعوى رڳو هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي ختم ڪئي وئي آهي، پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي جنهن ۾ صوبن ۽ وفاق وچ ۾ انهن جا حق ۽ فرض درج آهن، پر افسوس اهو آهي ته جڏهن به خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي آئيني حقن جي ڳالهه ٿيندي آهي ته پوءِ اتي آئين ئي گم ٿي ويندو آهي.

گذريل مهيني کان وٺي سنڌ جي ٻن ٻيٽن تي وفاق پاران مختلف هيلن ۽ بهانن سان قبضي ڪرڻ جون ڪوششون هلندڙ آهن، جڏهن ته ان ڏس ۾ افسوس جي ڳالهه آهي اها ته پيپلز پارٽي ڳجهه ڳوهه ۾ وفاق جي اهڙي سازش جو حصو ٿي بيٺي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ويساهه کي هڪ وڌيڪ تاريخي ڌڪ ڏنو ۽ سنڌ کي هڪ وڌيڪ نقصان پهچايو، ٻيٽن جي وفاق جي حوالي ڪرڻ متعلق جيڪا سنڌ جي گهرو کاتي اين ايو سي جاري ڪئي هُئي اها ايتري ته ڪمزور هُئي جو ان جي بنياد تي نه ته وفاق کي حق ٿو پهچي ته سنڌ جي ٻن ٻيٽڻ تي قبضو ڪري ۽ نه ئي سنڌ حڪومت کي اهو اختيار ٿئي ٿو ته اهڙي ڪنهن به سرڪاري ليٽر سان سنڌ جا ٻه ٻيٽ وفاق جي ملڪيت ٿي ويندا، سنڌ جا ٻه ٻيٽ هڪ اهڙي حقيقت آهن جن کي افسانوي بڻائي ان تي قبضو ڪري نه ٿو سگهجي، سنڌ جي گهرو کاتي جو اهڙو ليٽر جڏهن پڌرو ٿيو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي ۽ ۽ پيپلز پارٽيءَ کي سواءِ شرم ساريءَ جي ڪجهه به پلئه نه پيو.

سنڌ جي ٻيٽن تي اهڙي قبضي خلاف ڪراچيءَ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سڌ تي هڪ عظيم عاليشان احتجاجي جلسو ڪيو ويو جيڪو گورنر هائوس تي پڄاڻيءَ تي پهتو، انهيءَ احتجاج ۾ سڄي سنڌ مان آيل هزارين ماڻهن پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، احتجاج ۾ نه فقط سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ماڻهن جي سرسي هُئي پر تقريبن هر پارٽيءَ جو ڪارڪن ۽ قيادت شامل هُئي ، اهو هڪ اهڙو احتجاجي مظاهرو هيو جنهن کي مجموعي طور تي هڪ قومي مظاهرو قرار ڏئي سگهجي ٿو، انهيءَ احتجاج ۾ لکين ماڻهن وفاقي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ تي قبضي جي ڪوشش ترڪ ئي وڃي ۽ جاري ٿيل صدارتي آرڊيننس کي فوري طور تي معطل ڪري ٻيٽن جي مالڪي سنڌ ۽ بلوچستان کي ڏني وڃي.

اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ڌرتيءَ جي هر وسيلي جي تحفظ جو جيڪو اعلان ڪيو اهو واضع هيو، ۽ اهڙو اعلان سمورن قانونن ۽ آئين جي تقاضائن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو، پر ان ڏس ۾ جيڪا ڳالهه انتهائي افسوس ۽ مذمت جهڙي آهي اها هيءَ ته جڏهن لکين ماڻهن جو احتجاج پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ گورنر هائوس پهچي ٿو ۽ ترقي پسند پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي عوام پاران هڪ يادداشت سنڌ جي گورنر کي پيش ڪرڻ گهري ٿو ته ساڻس گورنر هائوس جي اسٽاف جو اڍنگو رويو ۽ يادداشت نامون نه وٺڻ انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي، سنڌ جي سياسي قيادت سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو پڪ سان اهڙو سلوڪ  سنڌ يا برصغير جي قيادت سان ڪالونيل دور ۾ به نه ٿيو هوندو، ڳورنر پاڪستان جو هڪ آئيني عهدو ۽ ذميواري آهي، سنڌ جي گورنر تي اهو لازم هيو ته هو سنڌ جي عوام جي تڪليفن کي وفاق تائين پهچائي ۽ گورنر هائوس تائين آيل سنڌ جي قيادت کي مان ڏئي.

اسين اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ جي عوام پنهنجي وطن جي حدن، سمنڊ، وسيلن جي تحفظ لاءِ جيڪي پرامن قدم کنيا آهن، اهي ستائش جوڳا آهن پر ان کان وڌيڪ ستائش ۽ شاباس جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪيترين ئي پارٽين جي اڳواڻن ان احتجاج ۾ شرڪت ڪري اهو ثابت ڪيو ته سنڌ سنڌين لاءِ هڪ آهي ۽ سنڌ جي تحفظ لاءِ هر جدوجهد ۾ هڪ آهن.

هن موقعي تي اسين پاڪستان جي صدر ۽ سنڌ جي گورنر کي رڳو ايترو چوڻ چاهينداسين ته هو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهن ۽ آئين کان هٽي ڪري ۽ آئين کان مٿي ٿي ڪري ڪو به قدم نه کڻن، اها ڳالهه پڪ سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن انهن آئين کان هٽي ڪري ۽ آئين کان مٿي ٿي ڪري ڪوبه قدم کنيو ته اهو قدم پاڪستان جي وفاق لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.