سنڌ بلوچستان جا سامونڊي علائقا ۽ مارگلا جا قذاق

عزيز سنگهور

قذاق سامونڊي ڌاڙيلن کي چوندا آهن، جيڪي سمنڊ ۾ سامونڊي جهاز ۽ ٻيڙين کي لٽيندا ۽ ڦريندا هيا، قذاقن جي باري ۾ مشهور هيو ته اهي سمنڊ مان ڦر لٽ ڪري ڦريل ۽ لٽيل دولت کي اچي ٻيٽن تي لڪائيندا هيا ۽ اهي ٻيٽ ئي سندن لاءِ پناهه گاهون پڻ هوندا هيا. هاڻي دنيا ۾ اهڙن سامونڊي قذاقن جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي، رڳو صوماليا جي سامونڊي حدن مان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن قذاق ٽولي جي سرگرمين جون خبرون اينديون آهن، پر اڄڪلهه پاڪستان ۾ وري قذاقن جون سرگرمين شروع ٿي رهيون آهن، اهي قذاق سمنڊ بجاءِ خشڪيءَ سمنڊ کان يارنهن سو ڪلوميٽر پري مارگلا جي پهاڙن تي رهن ٿا، انهن کي نه ته ترڻ ٿو اچي ۽ نه انهن کي ٻيڙيون هلائڻ ٿيون اچن، پر اهي پنهنجو پاڻ کي مهراڻ ۽ بولان جي رهاڪن جي سمنڊ ۽ سمنڊ جي وسيلن جو مالڪ سمجهن ٿا.

ان سلسلي ۾  وفاقي حڪومت ملڪ ۾ هڪ اٿارٽيءَ پاڪستان آءِ لينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي آءِ ڊي اي ) جي نالي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد آهي ته پاڪستان جي 1050 ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ جيڪي به سامونڊي آهن، جن ۾ ٻيٽ مالان،ٻڊو ٻيٽ، بندل، چرنا ٻيٽ، ڪلفٽن جون پهاڙيون، چريانولاه ٻيٽ سميت ٻيا به ڪيترائي ٻيٽ آهن، انهن تي ترقيءَ جي نالي وفاقي حڪومت جي قبضي ۾ آندو ويندو، اٿارٽيءَ جو بل پڻ منظور ڪيو ويو آهي جيڪو جلد ئي اسيمبليءَ ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو. اٿارٽي انهن ٻيٽن تي وڏيون ۽ اوچون عمارتون جوڙي انسانن کي آباد ڪندي، اٿارٽيءَ جو مقصد آهي ته انهن ٻيٽن کي پلين رستي ملائي آباديون جوڙيون وينديون.

وفاق جي اهڙي ڪوششن جي پويان اصل ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ مقصد آهي جنهن جي شروعات سنڌ جي ٻن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي قبضي سان شروع ڪئي وئي آهي. اهي ٻئي ٻيٽ ڪراچيءَ جي سامونڊي علائقي ۾ آهن.

اصل ۾ پاڪستان جي آئين موجب سمنڊ ۾ زيرو ناٽيڪل مائل کان وٺي 12- ناٽيڪل مائل تائين جيڪا به سامونڊي زمين ٿئي ٿي اها صوبن جي حدن ۾ اچي ٿي تنهنڪري سمورا سامونڊي ٻيٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي ملڪيت آهن، پاڪستان آءِ لينڊ اٿارٽي جوڙڻ جو مقصد صوبن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ ۽ صوبن جي خودمختياريءَ تي حملو ڪرڻ جي مترادف آهي، ڇو جو سمورا جزيره صوبن جي ملڪيت آهن، انهن جي قانوني حيثيت انتهائي اهم آهي، وفاق وٽ ٻيٽن جي مالڪيءَ جا اختيار نه هوندي به اهڙي قسم جي اٿارٽي جوڙڻ انتهائي کل جهڙو عمل آهي.

پاڪستان آءِ لينڊ اٿارٽي جوڙڻ جو عمل بين القوامي قانون جي خلاف آهي، هڪ طرف پاڪستان دنيا ۾ ميرين پروٽيڪٽيڊ ايريا متعلق ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪري ان جي قانونن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي ته ٻئي طرف وري انهن ئي قانونن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، ڇو جو سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽ ماحولياتي ۽ ايڪولاجيڪل حوالي سان انتهائي اهم آهن.  جتي هزارين قسمن جو مڇيون ۽ سامونڊي جيوت زندگي گذاري ٿي، انهن ٻيٽن تي  واپاري سرگرمين سان انهن جي مستقل بنيادن تي نسل ڪشي ٿي ويندي.

ميرين پروٽيڪيٽيڊ ايريا جي قانون موجب پاڪستان کي 2020 تائين تقريبا 27000 ڪلوميٽرن جي علائقي کي پروٽيڪٽيڊ ايريا بنائڻو آهي يعني مجموعي طور تي 17- سيڪڙو ايريا کي پروٽيڪٽ ڪرڻو آهي، پر پاڪستان هن وقت تائين پاڪستان رڳو هڪ سيڪڙو ايريا کي پروٽيڪٽيڊ بڻائي سگهيو آهي. 2017ع ۾ بلوچستان جي اسٽولا ٻيٽ کي پروٽيڪٽيڊ قرار ڏنو ويو آهي. ان جي منظوري بلوچستان حڪومت ڏني هُئي ڇو جو اهي ٻيٽ بلوچستان حڪومت جي ملڪيت آهن، ان قانون موجب انهن ٻيٽن تي ڪنهن به قسم جي نه ته ليز ڏئي سگهجي ٿي ۽ نه ئي وري ڪنهن به قسم جي ڪا واپاري يا تعميراتي سرگرمي ٿئي سگهي ٿي.

جڏهن ته سنڌ حڪومت به وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٻه طرفي دريا سنڌ کي براعظمي سامونڊي حدن سان ملائڻ واري انڊس ڪئنال کي پڻ پروٽيڪٽيڊ ايريا قرار ڏنو هو، جڏهن ته چرنا آءِ لينڊ کي هڪ پرڏيهي ڪمپنيءَ کي ڏنو ويو آهي، جتي هڪ جديد شهر تيار ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي وئي هُئي. انهن ٻنهي منصوبن خلاف سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي، انهن ٻنهي منصوبن خلاف پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ ٻين سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن سان ملي ڪري احتجاج ڪيا ۽ انهن ٻنهي ٻيٽن تي ٿيندڙ سرگرمين کي روڪرايو ويو، پر هاڻي وري ٻنڊي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي نوان شهر جوڙڻ لاءِ وفاقي حڪومت سرگرم ٿي وئي آهي. حد ته اها آهي جو انهن ٻنهي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ گذريل ڏينهن ۾ صدر عارف علويءَ جي صدارت ۾ ملڪ جي بلڊرز جو هڪ اعلى سطحي اجلاس پڻ ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ئي اهڙي فيصلي تي عمل ڪيو پيو وڃي.

ڪراچيءَ جي سامونڊي پٽيءَ ۽ ٻيٽن تي نوان شهر جوڙڻ سان سامونڊي جيوت مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندي ۽ انهن ٻيٽن تي رهندڙ لکين ماهيگيرن جي زندگين ۽ معاشي سرگرمين تي انتهائي ناڪاري اثر پوندا. جڏهن ته سمنڊ جي قدرتي ڊيلٽا تي پڻ انتهائي منفي اثر پوندا ۽ قدرت سان هٿ چراند ٿيندي، تمر جا ٻيلا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندا، سامونڊي وهڪرا متاثر ٿيندا ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ انتهائي گهڻي واڌ ٿي ويندي. ماهيگيرن جا روايتي معاشي وسلا متاثر ٿيندا ۽ اهي غربت جي زندگيءَ طرف ڌڪجي ويندا.

سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جو اهڙي نموني قبضو نه فقط ملڪ جي آئين جي خلاف آهي پر ان سان گڏوگڏ بين الاقوامي سطح تي ڪيل سمورن معاهدن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ معاهدن جي پڻ خلاف آهي ، تحريڪ انصاف جي اهڙين غير آئيني ۽ غير قانوني ڪوششن سان هاڻي ته اهو بلڪل واضع ٿي ويو آهي ته حڪمران آئين کي بلڪل تسليم نه ٿا ڪن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن غير قانوني عملن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ انهن ٻيٽن تي ماهيگيرن جو حق تسليم ڪري انهن کي رهڻ ۽ معاشي سرگرميون ڪرڻ ۾ آزاد ڇڏيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.