قاضي فيض محمد: سنڌ جو هيرو

پروفيسر اعجاز قريشي

سنڌ جي سداحيات عاشق قاضي فيض محمد جو جنم سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شهر هالاڻيءَ ۾ 23 نومبر 1908ع تي قاضي نبي بخش صديقي جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد سڳورو سندس ڄمڻ جي ڇهن مهينن کانپوءِ وفات ڪري ويو. ابتدائي تعليم پهرين هالاڻي، بعد ۾ خيرپور هاءِ اسڪول ۽ ان بعد نوشهري فيروز ۾ سيد الهندي شاهه جي ڪوششن سان قائم ٿيل مدرسه هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪيائين. اهو دور سنڌ سميت ننڍي کنڊ، هندستان ۾ سياسي هلچل وارو دور هو. پهرين عالمي جنگ ختم ٿي ته خلافت تحريڪ شروع ٿي. قاضي صاحب پڻ ننڍپڻ ۾ تعليم پرائڻ سان گڏوگڏ خلافت تحريڪ ۽ بعد ۾ ڪانگريس جي سائمن گوبئڪ، ڪئٽ انڊيا موومنٽ ۾ حصو ورتو. کيس جواهر لعل نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، سڀاش چندر بوس کي پڻ ويجهڙائي سان ڏسڻ ۽ سندن تقريرون ٻڌڻ جو موقعو مليو.

قاضي صاحب 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1940ع تائين تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. 1940ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان وري ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ آخر تائين وڪالت ڪندو رهيو.

قاضي صاحب سنڌ جي انهن سچار ۽ املهه انسانن مان هو جن کي حق، سچ ۽ انصاف سان عشق جي حد تائين محبت ۽ ڪوڙ، ظلم ۽ ناانصافيءَ سان بي انتها نفرت هئي. محنت ۽ پورهئي وسيلي سماج ۾ مڃتا ماڻڻ ۽ بنا ڪنهن فرق جي سموري انسان ذات سان محبت ڪرڻ سندس شيوو هو. تنهن ڪري قاضي صاحب اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي هر دؤر ۾ جدوجهد ڪندي نظر اچي ٿو.

قاضي صاحب 1930ع واري ڏهاڪي ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1940ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. جيئن ته ان دؤر ۾ هاري ڪاميِٽيءَ جا ميمبر گڏوگڏ ٻين پارٽين ۾ به ڪم ڪري سگهندا هئا تنهن ڪري قاضي صاحب 1946ع ۾ مسلم ليگ ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي.

1947ع واري ورهاڱي جي نتيجي ۾ جيڪا سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ٿي قاضي صاحب ان موقعي تي نهايت جرئت ۽ همت سان سنڌي هندن کي لڏي وڃڻ کان روڪڻ، کين بچائڻ ۽ سندن جائيداد جي تحفظ لاءِ پڻ جاکوڙ ڪئي. ان دؤر ۾ اويڪيو پراپرٽي ائڪٽ تحت جيڪا زمينن ۽ جائيدادن جي ڦرمار شروع ٿي ۽ ڪوڙن ڪليمن جو ڪارونهوار هلي پيو، قاضي صاحب ان صورتحال ۾ حقدارن کي حق ڏيارڻ لاءِ نهايت بهادري ۽ همت سان هاري الاٽي تحريڪ هلائي جنهن جو مقصد جائز ۽ حقدار هارين کي زمينون ڏيارڻ هو. قاضي صاحب کي ان ۾ ڪجهه قدر ڪاميابي پڻ ملي پر کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ ٿوري وقت بعد آزاد ڪيو ويو. 1948ع ۾ جڏهن ڪراچي سنڌ کان جدا پئي ڪئي وئي ته قاضي صاحب ان خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ پڻ حصو ورتو. ان دؤر ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٽيننسي ائڪٽ پاس ڪرائڻ لاءِ هلندڙ هلچل ۾ پڻ قاضي صاحب ڀرپور حصو ورتو. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ قاضي صاحب مسلم ليگ کان علحدگي اختيار ڪئي.

1953ع ۾ سنڌ عوامي محاذ جي سرگرمين ۾ پڻ قاضي صاحب سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ کي صوبائي خودمختياري ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ۾ حصو ورتو. 1954ع ۾ جڏهن ون يونٽ لاڳو ڪري سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت کي ختم ڪيو ويو ته قاضي فيض محمد جنهن پر جوش انداز ۾ جدوجهد ڪئي اها تاريخ جو هڪ روشن باب آهي. جلسا،جلوس، جيلن جون سختيون هجن يا ايوبي مارشل لا جا ٽارچر سيل قاضي صاحب ڪنهن به شئي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ظلم ۽ ناانصافيءَ واري ان قهري ڪوٽ ڪيرائڻ لاءِ مستقل مزاجي ۽ همت سان جدوجهد ڪئي. ان وچ ۾ قاضي صاحب نعپ ۽ عوامي ليگ ۾ پڻ شامل ٿيو. عوامي ليگ پاران 1967ع کان 1971ع تائين هلندڙ جدوجهد دوران شيخ مجيب الرحمٰن سان سندس ويجها ۽ گهاٽا تعلقات استوار ٿيا جيڪي اڳتي هلي سنڌ ۽ بنگلاديش دوستيءَ جي هڪ تاريخي علامت بڻجي ويا. 1969ع ۾ ووٽر لسٽن جي سنڌيءَ ۾ لکرائڻ لاءِ سنڌي شاگردن جي بک هڙتالي ڪئمپ ۾ قاضي صاحب جهڙي بزرگ شخصيت مٿان فوج ۽ پوليس جو تشدد به سندس اڏول ارادن کي شڪست ڏئي نه سگهيو. آخرڪار 1970ع ۾ ون يونٽ واري اُها دوکي جي ديوار ڊهي اچي پٽ پئي.

1972ع ۾ وري سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ جو مسئلو آڏو آيو ته ٻولي بل جي مسئلي تي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ فساد ڪري سنڌي ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيتن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو. آخرڪار ذوالفقار علي ڀٽي راولپنڊيءَ ۾ ان مسئلي جي حل لاءِ هڪ ڪانفرنس گهرائي جنهن ۾ قاضي صاحب اڪيلي سر سنڌي قوم جي نمائندگي ڪندي سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو جيڪو تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي.

13 آڪٽوبر 1982ع ۾ سنڌ جو هي اڏول اڳواڻ ۽ سورهيه سرواڻ اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو. قاضي فيض محمد نه رڳو وطن جي آزاديءَ جو هيرو هو پر هُو گڏوگڏ هو هڪ تمام وڏو عالم، اديب، فلاسافر ۽ موسيقيءَ جو ماهر پڻ هو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.