سوشل ميڊيا تي ”پابندين“ جي شروعات

نصرت جاويد

سياست ۾ بيان ئي نه پر واقعا ئي اهم تبديليون آڻيندا آهن. مثال طور مارچ 1977ع جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف نئون اپوزيشن پارٽين پاران هلايل تحريڪ شدت جي انتها کي ڇُهڻ لڳي ته آخرڪار هٿياربند فوج جي سربراهن هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو. ان بيان کي “آئين موجب” قائم حڪومت جي حمايت جو واضح ۽ ڀرپور اظهار تصور ڪيو ويو هو، پر اهو بيان 7 جولاءِ 1977ع کي روڪي نه سگھيو هو، ان ڪري بيانن تي نه پر پڪن واقعن تي پنهنجو ڌيان رکو. ان ڏس ۾ اهم ترين واقعو منهنجي سمجھه م سوشل ميڊيا تي تمام ئي مقبول “ٽڪ ٽاڪ“ تي لاڳو ٿيل پابندي به آهي.

اها ايپ چين ۾ ايجاد ٿي سڄي دنيا ۾ ڇائنجي وئي هئي. آسٽريليا جي هڪ ڪمپني ڪجھه مهينا اڳ وڏي تحقيق کانپوءِ اهو الزام هنيو ته ڄاڻايل ايپ جي ڪري چيني سرڪار ۽ ان جون اينٽيليجنس ايجنسيون ان کي استعمال ڪندڙن جي ذاتي زندگي جي باري ۾ هر قسم جا تفصيل گڏ ڪري رهيون آهن. انهن مان ڪجھه ڄاڻ ڪنهن واهپيدار کي “بليڪ ميل” ڪرڻ لاءِ به استعمال ٿي سگھي ٿي. ٽڪ ٽاڪ کي ڄڻ هڪ دل وندرائيندڙ ايپ نه پر چين جو ففٿ جنريشن ۾ پنهنجي ڪاميابي کي يقيني بڻائيندڙ اسٽريٽجڪ ويپن قرار ڏنو ويو. اها ايپ جڏهن هٿيار قرار ڏني وئي ته آمريڪي صدر زور ڀريو ته ”ٽڪ ٽاڪ“ کي ان جي ملڪ ۾ صرف ان صورت ۾ استعمال جي اجازت ڏني ويندي جڏهن ان جو مڪمل ڪنٽرول ڪنهن آمريڪي ڪمپني حوالي ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ ان هڪ ڊيڊ لائن به طئي ڪري ڇڏي، پر آمريڪا جي هڪ عدالت آمريڪا ۾ ان جي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. ٽڪ ٽاڪ تي ان ڪري آمريڪا ۾ پابندي نه لڳي سگھي. آمريڪا ۾ رهندڙ چيني شهري ۽ اتي موجود شاگرد ٽڪ ٽاڪ کان سواءِ ”مادرِ وطن“ سان رابطي لاءِ فيس بڪ بدران چين جي ئي ايجاد ڪيل Wechat استعمال ڪندا آهن. آمريڪي اختياريون ان ايپ جي باري ۾ ڏاڍيون پريشان آهن، پر ان جو استعمال روڪڻ جي ڪا صورت نه پئي ملي، پر ڀارت جي مودي سرڪار کي ٽڪ ٽاڪ جي پنهنجي ملڪ ۾ استعمال تي پابندي لڳائڻ ۾ هڪ منٽ به نه لڳو. لداخ جي سرحد تي چيني فوجن هٿان ڪٽڪو کائڻ ان ڏس ۾ مناسب جواز مهيا ڪيو، پر چين پاڪستان جو جگري يار آهي. اسان جي حڪومت “ٽڪ ٽاڪ” کي دشمن هٿيار قرار نٿي ڏئي سگھي. بنيادي ڳڻتي ان کي اها ٿيڻ لڳي آهي ته ان ذريعي وطن ۾ ”فحاشي ۽ اگھاڙپ“ پکڙجي رهي آهي. اسان جو نوجوان نسل گمراهه ٿي رهيو آهي. ذاتي طور تي ٽڪ ٽاڪ مون کي پاڻ ڏانهن ناهي ڇڪيو. مون کي شڪ آهي ته اها صرف نوجوانن کي ئي پسند ايندي آهي. ان ذريعي ٻٽاڪ پڻي جي ڪا گنجائش منهنجي ذوق موجب ناهي. ”فحاشي ۽ اگھاڙپ“ کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٽڪ ٽاڪ جي ڪردار ۽ اثر جو جائزو وٺڻ جي قابل ناهيان. اسان جي حڪومت مناسب تحقيق کان پوءِ ئي پر ان تي پابندي لڳائي آهي. عالمي سياست جو ادنيٰ شاگرد هوندي جيتوڻيڪ مون کي اهو خدشو پيدا ٿي پيو آهي ته چيني حڪومت کي پاڪستان جهڙي ورهيه پراڻي دوست پاران ”ٽِڪ ٽاڪ“ تي لڳايل پابندي پسند نه ايندي. اشارن اشارن ۾ شايد اسان سان جلد ئي رابطي جي درخواست ٿيندي.

اها ڳالهه لکڻ کانپوءِ خيال اهو آيو آهي ته گذريل ڪجھه مهينن کان اسان وٽ لاڳيتو قوم کي تنبيهه ڪئي پئي وڃي ته وطن عزيز ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ اسان جو ازلي دشمن سوشل ميڊيا کي وڏي مهارت سان استعمال ڪري رهيو آهي. ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ يوٽيوب ان ڏس ۾ دشمنن جوا ثرائتو هٿيار قرار ڏنا ويا آهن. واقعو ان کانپوءِ اهو ٿيو جو اٺن مهينن جي ڊگهي خاموشي کانپوءِ ”عدالت مان سزا مليل“ نواز شريف انهن ايپس کي لنڊن ۾ ويهي تخريبي پيغام ڏيڻ لاءِ لاڳيتو استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پيمرا جي قانونن تحت هلندڙ اسان جي ذميوار ۽ محب وطن ميڊيا نواز شريف پاران جاري ٿيندڙ پيغامن جي مشهوري کان پاسو پيو ڪري پر اهو پاسو ڪارائتو ٿابت نه ٿي رهيو آهي. هاڻي 16 آڪٽوبر کان حڪومت مخالف پارٽين جي جلسن جلوسن جي شروعات به ٿي رهي آهي. وڏي ڳالهه آ هي ته پنهنجي مشهوري لاءِ اهي ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ يو ٽيوب جو ئي سهارو وٺنديون. انهن ايپس کي ريگيوليٽ ۽ ڪنٽرول  ڪرڻ جا طريقا ان ڪري هر صورت ۾ ڳولڻا پوندا، پر بنيادي ڏکيائي اها آهي ته انهن ايپس جون مالڪ ڪمپنيون حڪومت کان به طاقتور ٿي چڪيون آهن.

ڪورونا جي ڏينهن ۾ نازل ٿيل لاڪ ڊائون انهن جي اهميت کي لاڳيتو وڌائي ڇڏيو آهي. هاڻي ورڪ فرام هوم جي ثقافت جو رواج پئجي رهيو آهي. وڏي تحقيق کانپوءِ اها دعويٰ به ٿي رهي آهي ته شايد ڪورونا ختم ٿيڻ کانپوءِ به کوڙ سارن ڪاروبارن جا اجارادار سيٺ پنهنجي ملازمن کي گھران ئي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا. ان رويي جي ڪري انهن کي دنيا جي وڏن شهرن جي مهانگي ترين علائقن ۾ گھڻ ماڙ عمارتن ۾ آفيسون کولڻ جي ضرورت نه رهندي.  انهن آفيسن جي غير موجودگي انهن کي وڌيڪ مفافعي جي قابل بڻائيندي. ڪورونا جي ڪري پنهنجي اهميت کي لاڳيتو پڪو ثابت ڪرڻ کانپوءِ ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ يوٽوب جون اجارادار ڪمپنيون وڌيڪ مغرور ٿي ويون آهن. اهي آمريڪي ۽ يورپي حڪومتن کي به نه ٿيون کنگھن. پاڪستان جهڙن غريب ملڪن جي شڪايت تي غور جي ضرورت محسوس نه ڪنديون. شايد انهن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ لاءِ عمران حڪومت جي ڪنهن وڏي ئي مفڪر صاحب اهو سوچيو هوندو ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائڻ سان سوشل ميڊيا کان پٺي ٺپرائڻ جي عمل جي شروعات ڪئي وڃي. فيس بڪ يا يوٽيوب جي مالڪ ڪمپنين سان ڳالهيون ڪندي اسان انهن کي ٻڌائي سگھون ٿا ته اسان وٽ سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجي تمام ويجھي ملڪ چين جو لحاظ نه ڪيو ته توهان ڪهڙي باغ جي مُوري آهيو. انهن کي اسان جي شڪايتن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو. جيڪا حڪمت عملي آئون فرض ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن واقعي عمران حڪومت جي ڪنهن مفڪر صاحب وڏي سوچ ويچار کان پوءِ اختيار ڪئي آهي ته اها پنهنجي پر ۾ ٺپ ٻاراڻي حرڪت آهي. حڪومت کي ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي مڪمل ڪنٽرول جي بلڪل قابل نه بڻائيندي. پاڪستان ۾ هزارين نوجوان انهن ايپس ذريعي روزي ڪمائڻ جا عادي ٿي چڪا آهن. تقريباً هر ٻيو صحافي پنهنجو يوٽيوب چينل هلائڻ تي مجبور ٿي رهيو آهي. يوٽيوب ذريعي “تخريبي پيغام” کي وڌائيندڙ صحافين کي سولائي سان انسان جو پٽ بڻجڻ تي راضي ڪري سگھجي ٿو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.