تلھار ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن جون تياريون ۽ آجياڻا

عاجز انور لاشاري\

تلھار ۾ ماڻھن جو گھڻو ڪري لاڙو ماڻھن جو چاھ ۽ پيار پاڪستان پيپلزپارٽي سان ئي رھيو آھي،پ پ پ پنھجي شروعاتي سفر کان وٺي محترمه شھيد بينظير ڀٽو جي آخري قربانيءَ تائين جابرن کي للڪاريو پڻ آھي. تاريخ گواھ آھي ته پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ رت ۽ جان جو نظرانو ڏيندڙ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس خاندان جي رت جو ڦڙو ڦڙو پ پ پ کي جيئرو رکندو اچي،جيتوڻيڪ پ پ پ جي پليٽ فارم تان ھارين مزدورن،غريبن، ۽ بي گھر ماڻھن کي وڏو مان مليل ھو انھن جي حق ۾ پ پ پ جا ليڊر وقت جي جابرن سان ويڙھ وڙھندا رھيا ھئا،انھن لا۽ ئي اڳواڻن جو آواز ھر جلسي گاھ ۾ احساس ڏياريندو رھندو ھو ته غريب ۽ مسڪين ماڻھو لاوارث ناھن انھن جي وارثي لا۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو ھر ورڪر جيالو ۽ ليڊر پنھجي جانين جا نظرانا ڏيڻ لا۽ پڻ تيار رھندا ھئا.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو منشور اج به ساڳي موجودگي جو احساس ته ڏياري ٿو پر غريب ماڻھن جو ساڳي ريت لاڙو نه رھيو جيڪو لاڙو عوامي سمنڊ پ پ جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو واري وقت ۾ ڏٺو ۽ ڏيکاريو ويندو ھو ۽ جيڪو شھيد مير مرتضي ڀٽو، ۽ سندس دلير ڀيڻ ايشيا ۾ مشھور ملڪن ۾ شھيد بينظير ڀٽو واري وقت ۾ ماڻھن جا سمنڊ اٿلي پوندا ھئا جلسي ۾ غريب ماڻھو پورھيت رڳو شھيد راڻي جي اچڻ جو ٻڌندا ھئا ته بکئي پيٽ اڃارا پيرن اگھاڙا فرد ۽ خاندان فقط محترمه شھيد راڻي جي ديدار لا۽ جلسي گاھ ۾ سڀنن کان اڳ پھچي پنھنجي جاءِ سنڀاليندا ھئا اھو انڪري به جو شھيد راڻي ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو رت وڏي جوش سان گردش ڪري عوام جي دلين ۾ جذبن کي اٿاري وٺندو ھو ۽ ھر اک کي محترمه ۾ وڏيون اميدون پڻ ھونديون ھيون، روٽي ڪپڙا اور مڪان وارو نعرو جيڪو اڄ به پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور ٻدايو وڃي ٿو،جيڪو منشور اڄ به ھر غريب ماڻھن جي ڪنن ۽ اکين ۾ ٻڌڻ بعد خوشين جو ڪردار ادا ڪري ڏيکاري ٿو پر آھسته آھسته پ پ پ ۾ شھيدن بعد پراڻن جيالن کي نو لفٽ ملي.

محترمه واري وقت ۾ ساڻس گڏ ھلندڙ جانثار به پ پ پ مان خارج ٿيندا ۽ الوداع ڪندا رھيا،تلھار ۾ به ساڳيو حال ئي رھيو،گذريل شام پ پ پ جيالن پاران وارڊ ھڪ ۾ گوپانگ برادريءَ پ پ پ جي تعلقي عورت ونگ جي سرگرم آڳواڻ زاھدا ڪنڀار جي سھڪار سان پ پ پ ايم پي اي ۽ تعلقي قيادت جي مان ۾ آجياڻي جي ھڪ تقريب ڪوٺائي وئي. گوپانگ برادري جي ماڻھن زاھدا ڪنڀار سان ڀرپور سھڪار ئي نه بلڪه ھر مسئلي ۾ گڏ ھجڻ جو يقين پڻ ڏياريو،آجياڻي تقريب ۾ پ پ پ ايم پي اي مير الھه بخش ٽالپور،ماتلي جي عورت ايم پي اي تنزيلا قنبراڻي ۽ تعلقي قيادت جڏھن پروگرام ۾ شرڪت لا۽ پھتي ته گوپانگ برادري جي ماڻھن پاران وڏي جوش و جذبي سان اڳواڻن جو شاندار استقبال ڪيو گلن جون پتيون پڻ نڇاور ڪيون ويون.

ايم پي اي مير الھه بخش ٽالپور ۽ تنزيلا قنبراڻي گوپانگ برادري سان گڏوگڏ سرگرم پ پ جي عورت اڳواڻ زاھدا ڪنڀار جو به اسٽيج تي بيھي شڪريو ادا ڪيو وارڊ 1 مان آيل عورتن ۽ مردن جي پيھه ٿي وئي ڀرپور ساٿ ملڻ بعد پ پ پ تعلقي قيادت  تقريب کي خطاب ڪيو خطاب کان اڳ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا پئي ويا پر انوقت ايڪو تي وڏي گوڙ سان پ پ پ جا گيت محترمه جو آواز سرن ۽ سازن سان شروع ٿيو جنهن ٻارڙن توڙي وڏن کي جھومڻ تي مجبور ڪري وڌو،ٻڌائڻو فقط اھو ئي ھو ۽ ھن ليک جو اصل مقصد معني جيڪڏھن سمجھڻ چاھيون ته اھو به آئين ئي آھي ته شھيدن جي ھن پارٽي جو ساز ۽ گيت جيڪڏھن عوام جي دلين تي اڄ به راڄ ڪري ٿو ته پ پ پ جا چونڊيل نمائنده عوام کي ڇو ياد ناھن.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائيندن سان عوام جو ساڳيو وھنوار ئي ناھي رھيو آخرڪار ڇو پاڪستان پيپلزپارٽي جو گيت بجا تير بجا يا ٻيا ڪي گيت جيڪي اڄ به عوام جي دلين ۾ وڏي اھميت رکن ٿا مک تي مرڪ چپن چھرن تي خوشين جو باعث به فقط ساز ۽ گيت پر عوامي نمائندن سان ايترو عوام جو چاھ ڇو ناھي رھيو، ڏسڻو اھو ئي آھي ته ڇا شھيدن جي پارٽي مان عوام لا۽ قربانيون ڏيڻ وارو منشور بدلي ڪري قربانيون وٺڻ وارو منشور ته ناھي ٺاھيو ويو،گذريل شام پ پ پ جو ھڪ ننڍڙو پروگرام ھو يقينن گوپانگ برادريءَ سان ھڪ سرگرم پ پ پ جي عورت اڳواڻ زاھدا ڪنڀار جو سھڪار ساٿ ھجڻ ڪري ماڻھن جا ولر لھي پيا ھئا،زاھدا ڪنڀار ھڪ غريب گھر سان تعلق رکي ٿي بنا مفاد جي پارٽيءَ سان پاڻ ملھايو پڻ آهي پ پ پ سان زاھدا جي محبت جو ڪوئي مثال ئي ناھي زاھدا ڪنڀار پ پ پ ۽ نمائندن تي ساھ پساھ پڻ ڏئي ٿي.

زاھد ڪنڀار ھن دفعي مڪاني چونڊن بابت تياريون عمل ۾ آڻي ھر وارڊ ۾ برادرين جا ميڙ گڏ ڪرڻ ۾ مصروف عمل ملي ٿي ڇاڪاڻ جو سال 2015 واري مڪاني چونڊن ۾ پوري تعلقي جي 11 وارڊن مان پ پ فقط ٻه سيٽون ڪڍيون ھيون مرزا گروپ ۽ آزاد پينل پ پ پ کي بري شڪست سان نوازيو ھو انوقت زاھدا ڪنڀار سياست ۾ نه آئي ھئي پر نئين آيل ھڪ عورت پنھجي محنت ۽ جاکوڙ سان شھرين توڙي نمائندن جي دلين ۽ اکين ۾ اچي سرخرو ٿي وئي پ پ جو ٻيو پروگرام ڪامياب ڪرائڻ تي پ پ  ايم پي اي ۽ تعلقي قيادت پاران زاھدا ڪنڀار جو دلي شڪريو پڻ ادا ڪيو ويو پر ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته ڇا زاھدا عوام جو پيار وٺي پنھجي آزمائش ۽ عوام سان ڪيل ڳالھين تي پورو لھي پراعتماد رھي مڪاني چونڊن ۾ پ پ پ کي سونا تاج پارائي عوامي درد، المياتي مسئلن ۽ عوام سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف عوام سان گڏ ثابت قدم بيھي عوام جو ساٿ ڏيندي يا وري نه اھو ته به، ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر ھن دفعي زاھدا ڪنڀار کي عوام مان وڏي موٽ ملي رھي آھي ان کان به انڪار نٿو ڪري سگھجي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.