سڪي لڌن سور پينگھي ۾ پرايا

ڄام صنم سنڌي

سنڌ اھا ڀاڳن واري ڀونءِ آھي، جنھن کي مقدس ھستين مڃتا ۽ محبت ڏيندي علم، سڪون ۽ امن جي ڌرتي ڪوٺيو ۽ ھتي اچڻ جي آرزو ڏيکاري، ساڳئي وقت جيڪي بزرگ، درويش، اولياءَ ۽ صوفي ھتي آيا اھي ھن ڌرتيءَ جي محبت جي رنگ ۾ اھڙا رنگجي ويا، جو ھتان جا ٿي ويا جن ۾ سڀ کان وڏو مثال حضرت عثمان شاھ مرونديءَ جو آھي جنھن سنڌ کي پنھنجي ڌرتي سمجھو، سنڌ به ان کي ”سنڌڙيءَ جي لال“ جي لقب سان نوازي اھو ثابت ڪيو ته سنڌ انھن کي سيني سان لائي عزتون، محبتون ۽ مان ڏيندي آھي جيڪي سنڌ ڌرتيءَ کي پنھنجي سرزمين سمجھندا آھن پوءِ اھي سنڌ ڄاوا ھجن يا ٻاھران اچي سنڌ جي وجود سان وفادار ٿي ان ۾ سمائجي ويا ھجن.

اھو سچ آھي ته حق، سچ ۽ امن جي علمبردار سڏجندڙ ھن ڌرتيءَ کي قدرت جيترو نوازيو آھي اوترو ئي سندس ويري ۽ دشمن به ھر دور ۾ گھڻا رھيا آھن يا ڀٽائي سائين جي سٽن ۾ ائين کڻي چئجي ته ” الا ڏاھي م ٿيان“ سنڌ جي سرزمين پنھنجي وجود ۽ خمير ۾ جيڪا ڏاھپ ۽ سٻاجھڙائي ٿي رکي ان اٻوجھائيءَ جو فائدو ڪانئر ۽ غدار سدائين وٺندا ۽ ھن جي وحدت تي وار ڪندا رھيا آھن ھن سڪي لڌي ڌرتي ۽ ھن جي رھواسين پينگھي ۾ ئي سور پرائڻ سکيا آھن اھو ئي سبب آھي جو سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخ مزاحمتن، احتجاجن ۽ انقلابن سان سرشار رھي آھي.

جتي دودا، ھوشو، ھيمو ۽ دولھ ڌرتيءَ تان جان نثار ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيندا رھيا اتي غدار، ويري، مخبر به لوسڻ جيان ڦٽندا رھيا آھن پر انهن ۾ ايتري ھمت ۽ مجال ڪڏھن به ناھي ھوندي ته اھي ڪنھن سرزمين کي ڪو نقصان رسائي سگھن، اھو سڀ تڏھن ئي ممڪن ٿيندو آھي جڏھن گھر ۾ موجود مير جعفر سندن ساٿ ڏئي سورھين کي سزائون ڏياري ڌرتيءَ کي دشمنن حوالي ڪن. اڄڪلهھ سنڌ جي صورت حال ڏسي دل رت جا لڙڪ لاڙيندي آھي ڇو ته ھن وقت بظاھر ڪو اھڙو دودو نظر نٿو اچي جيڪو دشمنن جي اک ۾ ڪنڊو ھجي پر انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي ته سڪي لڌي ڌرتيءَ جا سور ڏسي ڪو، سورھيه ڪو جونجھار، ڪو جوان انقلاب جي اڳواڻيءَ لاءِ ميدان ملھائڻ لاءِ ھوشو ۽ ھيمون بنجي پوي ۽ تاريخ کي ٻيھر جياري انھن کي آئينو ڏيکاري جيڪي اندران ۽ ٻاھران مليل ھجڻ جون دعوائون ڪندي ويرين جي وچ ۾ ويھي وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي انھيءَ سڪي لڌي ڌرتي ۽ سندس اٻوجهھ رھواسين جو مذاق ٿا اڏائن جن کين عزتون ڏئي اسيمبلين جي تخت تي ويھاريو آھي.

ھن قوم ته سور پينگھي ۾ پرايا آھن پر اھڙن سياستدانن ۽ اڳواڻن لاءِ ” شرم تم کو مگر نھين آتي“ چوندي جيڪڏھن سنڌ جو ھر سچو ۽ حلالي فرد ڌرتيءَ تي ٻريل باھ کي وسائڻ لاءِ پنھنجو فرض ادا ڪندي وت ۽ وس آھر ڪوششون ڪري ڌرتيءَ جي وحدت ۽ پنھنجي قوميت جي دفاع لاءِ دڳن، انگن، ننگن، ٻيٽن، پيٽن حقن ۽ وسيلن جي حفاظت لاءِ حقيقي ٻڌي ۽ شعور سان گڏجي پون ته اھو ڏينھن پري ناھي يلغارون، ھلائون ڪندڙ ۽ ڀڀڪيون ڏيندڙ گدڙ غارن جو منھن ڪري ٻيھر سنڌ ۽ سنڌين جو نالو وٺڻ کان توبهھ نه ڪن، ھر سطح تي دشمنيءَ کي منھن ڏيندڙ سنڌ امڙ پنھنجي حقيقي ٻچن کان ھن وقت انھيءَ ئي ويرتا جو مطالبو ڪري رھي آھي جنھن وڏن وڏن برجن ۽ طاقتن کي لوڏي سنڌ جي سلامتي، سالميت کي ڪو ڇيھو رسڻ نه ڏنو جيڪڏھن اسان ائين نه ڪيو ۽ ان مطالبي جو مان نه رکيو ته پوءِ پينگھي ۾ پرايل سور ئي اسان جو مقدر رھندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.