سنڌ جي ڪاليجي استادن کي ٽائيم اسڪيل ڏئي واعدو وفا ڪريو

پروفيسر لياقت علي ميمڻ

جناب مرتضيٰ وهاب صاحب! اوهان بخوبي آگاھ آهيو ته سنڌ جي ڪاليجي پروفيسرس(مرد ۽ عورتن) جو تعداد  ڏھ هزار آهي. جڏهن ته سنڌ اندر پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري استادن جو تعداد ڏيڍ لک کان به مٿي آهي. انهن ڏيڍ لک استادن کي اوهان جي پيپلزپارٽي جي سرڪار ڏھ سال اڳ 2010ع ۾ ٽائيم اسڪيل ۽ ٽيچنگ الائونس ڏي چڪي آهي. جڏهن ته سنڌ اندر سڀ کان پهريان سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسئيشن(سپلا) مطالبو ڪيو هو ته سنڌ جي ڪاليجي پروفيسرس کي ٽائين اسڪيل ڏنو وڃي. ان ڪري ته بلوچستان صوبي، وفاق ۽ گلگت بلتستان جي ڪاليجي استادن کي پڻ ٽائيم اسڪيل مليل آهي.

2010ع ۾ پ پ جي سنڌ سرڪار سنڌ جي ڪاليجي استادن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ تعليم کاتي هڪ سمري تيار ڪري اعليٰ اختيارين جي منظوري لاءِ موڪلي ڏني. جنهن تي ان وقت جي وزير تعليم، ناڻي کاتي جي وزير ۽ هاڻوڪي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ بنا ڪنهن اعتراض جي دستخط پڻ ڪري ڇڏيا هئا. پر ان وقت تعليم کاتي جي بيوروڪريسي پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار کي ان عوامي ڪريڊٽ کان محروم رکڻ خاطر ۽ ڪاليجي پروفيسرس سان پنهنجي منسلڪ مفادن کي نظر ۾ رکندي اسان مان ئي  پنهنجي آلئه ڪارن کي استعمال ڪري ٽائيم اسڪيل جي سمري کي بي اثر ڪرائي سنڌ جي ڪاليجي استادن کي ان ٽائيم اسڪيل جي رليف کان محروم ڪرائڻ ۾ مڪمل ڪامياب وئي. جنهنڪري اسان گذريل ڏهن سان کان وٺي ٽائيم اسڪيل کان محروم ٿي مختلف ماڳن تي ڀٽڪندا رهيا آهيون.

سنڌ جي ڪاليجي پروفيسرس ان شديد ناانصافي خلاف هڪ دفعو وري جڏهن  تي هزارن جي تعداد ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿي پرامن انداز سان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪري سي ايم هائوس ڀرسان ڌرڻو ڏنو ته ان وقت پوليس تعليم کاتي جي عملدارن جي غلط پاليسين ۽ صلاحن تي  پرامن عورت ۽ مرد پروفيسرس تي وحشياڻو تشدد ڪري لاتعداد عورتن ۽ مرد پروفيسرن کي گرفتار ڪري ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي لاڪپ ڪري ڪيس داخل ڪري پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا هئا.

ان جي باوجود ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سپلا جو احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو هو. ان سموري عمل جو ان وقت پ پ چئيرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري سخت نوٽيس ورتو هو. جنهن کان پوءِ سپلا اڳواڻن ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڪامياب ڳالهيون ٿيون هيون ۽ سنڌ جي ڪاليجي پروفيسرس سان هڪ دفعو وري واعدو ڪيو ويو ته هڪ مهيني اندر اوهان کي ٽائيم اسڪيل ڏنو ويندو. ان بعد سنڌ جي ڪاليجي پروفيسر س کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ واسطي وري هڪ ٻئي سمري، ڊائري نمبر108 تاريخ 4 مارچ 2020ع تي اعليٰ اختيارين جي منظوري لاءِ موڪلي ڏني. اها ست مهينا سمري غائب ڪئي وئي پر جڏهن سنڌ جي ڪاليجي پروفيسرس هڪ دفعو وري جناب بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجو واعدو ياد ڏياريندي اهو ٻڌائڻ لاءِ سندس پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جي اڳيان معاملو رکيو ته اها سمري مختلف مرحلا پار ڪندي هاڻي اوهان وٽ پهتي آهي. اسين اوهان کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي ڪاليجي استادن کي فورٽئير مليل آهي.

اهي صرف ۽ صرف ٽائيم اسڪيل چاهن ٿا جنهن لاءِ انهن سپلا جي پليٽ فارم تان ڏهن سالن کان طويل جدوجهد ڪئي آهي. پر خدشو آهي ته هڪ دفعو وري بيوروڪريسي پنهنجي سازشي ٿيوري تي عمل ڪندي اسان مان ئي پنهنجن آلئه ڪارن جي ڏورن کي ڇڪي اسان لاءِ مشڪلاتون ۽ اوهان جي سنڌ سرڪار کي ان عوامي ڪريڊٽ کان محروم رکڻ لاءِ وسان نه گهٽائيندي. جنهن لاءِ اسين اوهان کي سنڌ جي ڏھ هزار ڪاليجي پروفيسرس پاران اپيل ڪيون ٿا ته اوهان بنا دير ٽائيم اسڪيل جي سمري جي منظور ڏئي ڪاليجي پروفيسرس کي ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيش جاري ڪرائي ڏئي پنهنجي پارٽي ڇئيرمين جي وچن، واعدي تي عمل ڪرائي سنڌ جي ڪاليجي پروفيسرس مان مايوسي، بيچيني جو خاتمو ڪرائي انصاف مهيا ڪري تاريخ رقم ڪند.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.