ڄام مدد علي جي حالت نه سڌري، وينٽي ليٽر تي منتقل

ڪراچي(رپورٽر ) راشد رباني کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ايم پي اي ڄام مدد علي جي ڪورونا سبب حالت خراب آهي، سندس وينٽيليٽر  تي منتقل ٿيڻ جا اطلاع آهن. ڄام مدد علي هڪ هفتي کان ڪورونا سبب خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ سندس خاندان وائرس جو شڪار ٿيو، جيڪو ضياءُ الدين اسپتال ۾ علاج بعد بهتري طرف آهي، جڏهن ته ساڳئي اسپتال ۾ داخل وڏي وزير جو خاص مددگار راشد رباني ۽ ايم پي اي ڄام مدد علي جي طبعيت خراب  آهي، جن کي ويٽيليٽر تي رکيو ويو آهي، ان کانسواءِ پ پ اڳواڻ شگفته جماڻي جي ڀاءَ سميت پ پ جا ٻيا اڳواڻ به ساڳئي اسپتال ۾ داخل آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.